English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، منشيات فروشن سميت 11 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
168 views
|
14th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائين دوران جوابدارن وٽان وڏي تعداد ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون،6 منشيات فروش، 2 گٽڪي فروش ۽ ٽن روپوشن سميت 11 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل –900 گرام چرس، 35 ٿيلھيون ، ڪچو شراب، 10 ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل، 250 پيڪٽ گٽڪو مائو ۽ 1 موٽر سائيڪل هٿ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجي جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪم تي ٺٽو پوليس پاران منشيات، ڏوهاري عنصرن، عادي مجرمن، گٽڪي ۽ مين پڙي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. يس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي (ٺٽو، ساڪرو، ڌاٻيجي، گهوڙاٻاري پوليس) مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪندي 6 منشيات فروش جوابدار غلام رسول منڱڻهار، خليل الله ٻاٻڙو، نديم خاصخيلي، نعيم ميمڻ، نياز عمراڻي، نويد عرف ناول جمالي ۽ 2 گٽڪي فروش عبدالعزيز ڪنڀار، مقبول ڪڙمو کي گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدارن وٽان 900 گرام چرس، 35 ليٽر ڪچو شراب، 10 ڪلو گٽڪي جو مواد، 250 پيڪٽ گٽڪو مائو ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. ان کان علاوه، انچارج سي آءِ اي ٺٽو پنهنجي اسٽاف سميت ٺٽو شهر ۾ ڪارروايون ڪري ٿاڻو ٺٽو جي ڪيسن ۾ گهربل 3 روپوش جوابدار سڪندر عرف ابو ولد پنهون ملاح، حبدار ولد عيدو ميرجت ۽ حاجي ولد ڦل عرف عارو نوتيار کي گرفتار ڪري ورتو. رفتار جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل ٿاڻن تي منشيات آرڊيننس، نارڪوٽڪس ايڪٽ ۽ گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس
0 تبصرے