ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران ضلعي جي مختلف علائقن جو اوچتو دورو ، ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو -ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو آهي ته پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، پوليو مهم جي ڪاميابي صحتمند پاڪستان جي ضمانت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو ٽيمن جي موجودگي ۽ مهم جي معيار کي يقيني بڻائڻ بابت گهارو، ڌاٻيجي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. هُن پوليو ٽيمن جي سرگرمين ۽ پيش رفت جو بغور جائزو پڻ ورتو. ڊپٽي ڪمشنر پوليو جي خاتمي بابت جاري ڪوششن دوران پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار تائين رسائي تي زور ڏيندي پوليو ٽيمن کي واضح هدايتون ڏنيون ته هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهي. اُن موقعي تي هُن فيلڊ ۾ خاص طور تي سخت گرمي جي موسم ۾ موجود پوليو ورڪرز جي محنت جي تعريف پڻ ڪئي.
0 تبصرے