شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌوءَ خاطر ھر مڪتبه فڪر جا ماڻھون ھڪ پيج تي اچي ويا ، شڪارپور بچايو تحريڪ جو وفد قائم مقام چيئرمين مولانا مشتاق احمد سھندڙو جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل ، پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو ، اڳوڻو چيئرمين الاھي بخش شيخ ، اڳوڻو چيئرمين استاد عبدالوهاب ڪاغذي، حاجي عبدالفتاح مھر , شوڪت بلوچ ، زاھد حسين پھوڙ سميت شھر جي سياسي سماجي ڌرين سول سوسائٽي اڳواڻ ميان ظفر علي علوي ، شھيد ڀٽو ، سماج سڌارڪ ولي الله پھوڙ ، شڪارپور جو اڳواڻ سعيد احمد سومرو ، صحافي ديدار عرف ڊي بلوچ ، صحافي راشد ، معرفاڻي واجد جتوئي ۽ ٻين پاران سنڌ ڌرتيء سان ٿڃ ملهائيندي قومي فرض نڀائيندي سنڌوءَ مٿان غير قانوني ڪئنالن خلاف شڪارپور خانپور انڊس روڊ تي وڪيل برادري طرفان احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي جتي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان سنڌين جي مستقبل جو جياپو آ جنھن تي غير قانوني ڪئنال ڪڏھن بہ قبول نه ڪنداسين سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمينن کي بنجر بڻائي پنجاب جو غير آباد چولستان کي آباد ڪرڻ سمجھ کان ٻاھر آھي جيڪو ڪڏھن بہ سنڌي ٿيڻ نه ڏيندا ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جون تمام سياسي سماجي ڌريون ھر مڪتبه فڪر جا ماڻھون مذھبي جماعتون ، قوم پرست ڌريون ، وڪيل، صحافي ، شاگرد ، ھاري ، ننڊا وڏا ، مرد عورتون سنڌو درياءَ خاطر ھڪ پيج تي گڏ آھن جن جو ھڪ ئي آواز مطالبو آ ته غير قانوني ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪيو وڃي
0 تبصرے