ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ نائين ڏهين جا امتحان هلندڙ، ڏوڪري ۾ لاڙڪاڻي بورڊ جي طرفان نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان هلندڙ آهن. ان موقعي تي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري جي پرنسپال تهمينہ ڪورائي، نفيسہ نور بخاري، سليمان خاصخيلي، علي بخش پٺاڻ جو چوڻ هو ته امتحاني سينٽر سٺي نموني سان شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيپر ڏئي رهيا آهن. امتحاني سينٽرن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته گرمي کان بچڻ لاءِ امتحان وقت بجلي بند هجڻ باوجود به شاگردن ۽ شاگردياڻين سولر جي سهولت ڏئي رهيا آهيون ته شديد گرمي ۾ به شاگردن ۽ شاگردياڻيون سٺي نموني سان پيپر ڪري سگهن.
0 تبصرے