English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جي صدارت هيٺ اجلاس
174 views
|
14th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، اليڪشن ڊيوٽي ۾ اھم ڪردار اسٽاف جو ھوندو آھي: اعجاز انور چوھاڻ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ ھڪ اھم اجلاس ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ چيو ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، ھن چيو ته اليڪشن ڊيوٽي ۾ اھم ڪردار اسٽاف جو ھوندو آھي، اھو پنھنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪري ۽ صاف شفاف اليڪشن ڪرائي، ھن چيو ته سمورا اميدوار توڙي آفيسر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل درآمد ڪن، ھن وڌيڪ چيو ته اين اي 213 تي 17 اپريل تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي پولنگ ڏينھن تي امن و امان کي بحال رکڻ جي لاءِ پوليس جو ڪردار انتهائي آھم آھي ته جئين ووٽر پنھنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهي، ان موقعي تي ھن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته سمورين پولنگ اسٽيشنن تي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، ڪوتاهي ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر ميرپورخاص امتياز ڪلھوڙو اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ اين اي 213 تي ٿيندڙ ضمني چونڊون ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 6 لک 8 ھزار آھي، ھن چيو ته اين اي 213 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ ڪل 21 اميدوارن فارم ڀريو، جنھن مان ٽي اميدوار دستبردار ٿيا باقي 18 اميدوار ضمني چونڊ وڙھي رھيا آھن، ھن چيو ته ڪل 498 پولنگ اسٽيشنن آھن ۽ 1816 پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا آھن، ھن چيو ته ضمني چونڊ ۾ ڪل 4628 پولنگ اسٽاف پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو، ھن چيو ته ضمني چونڊ جي نگراني جي لاءِ ريجنل مانيٽرنگ سيل توڙي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ پلان مڪمل ڪيو ويو آھي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته اين اي 213 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن، ھن چيو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن، ھن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن ڪو بہ ملازم اليڪشن ڊيوٽي ۾ غلفت ڪندو تہ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي سيڪيورٽي پلان بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي پلان مڪمل ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته ڪل 4200 اھلڪار پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، ھن وڌيڪ چيو ته ضمني چونڊ جي لاءِ سخت سيڪيورٽي جي لاءِ ٻين ضلعن کان پڻ فورسز جا جوان توڙي آفيسرز پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، جنھن ۾ ڪل 7 ايس ايس پيز، 12 ڊي ايس پيز ۽ ٻيا پوليس اهلڪار شامل آھن، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر اين اي 213 عمرڪوٽ و ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ريجنل اليڪشن ڪمشنر ميرپورخاص امتياز ڪلھوڙو، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ سيد طيب انور بخاري، ريٽرننگ آفيسر و اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عمرڪوٽ محمد عالم سومرو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ايڪسي اين حيسڪو عمرڪوٽ امتياز علي ميمڻ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، پرنسپال ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، پرنسپال ڊگري ڪاليج ڍورونارو ڪمال مصطفي وساڻ، ڊي او ايجوڪيشن عمرڪوٽ عنايت الله، سي ايم او ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ امتياز ھاليپوٽو، ايڪسي اين ايجوڪيشن ورڪس وشال داس، ايڪسي اين بلڊنگ حاجي عبدالمجيد منگريو، ايڪسي اين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عمرڪوٽ يوسف شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر گڻيش داس کتري، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عمرڪوٽ سليمان راھمون، نيشنل بئنڪ مئنيجر روي ڪمار، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، سيڪريٽري آر ٽي اي عمرڪوٽ سيد شيراز علي شاهه، ٽائون آفيسر فرحان لغاري، سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اعجاز انور چوھاڻ
عمرڪوٽ
صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ
0 تبصرے