English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ تنيا ۽ جتوئي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نبيرو
59 views
|
10th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
3ڏينهن اڳ اسد الله آباد محلي ۾ ٿيل جهيڙي بعد جتوئي ڌر ميڙ وٺي مير عدنان تنيو جي اوطاق تي پهتي
لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي جي پير شير روڊ تي واقع اسد آباد محلي ۾ ٽي ڏينھن اڳ تنيا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ٿيل جهيڙي جو نبيرو ٿي ويو، جتوئي برادري پاران ميڙ کڻي اچڻ کانپوءِ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. لاڙڪاڻي جي پير شير روڊ تي واقع اسد آباد محلي ۾ ٽي ڏينھن اڳ مير عدنان تنيي عرف فوجيءَ جي گهر جي تعمير دوران، جتوئي ۽ تنيا برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنھن دوران ٻنھي برادرين جا ڪجهہ ماڻهو ۽ تنيا برادري جي گهر جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر ۽ مزدور پڻ زخمي ٿي پيا هئا. اهڙي واقعي کانپوءِ ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال وڏي وئي هئي، جنھن بعد پوليس ٻنھي ڌرين جي معزز، وڏن مير عدنان تنيي ۽ تشڪيل جتوئي جي وڏي فرزند ايڊوڪيٽ سرتاج جتوئي جي وچ ۾ ڳالهيون ڪري معاملي کي حل ڪرايو. اهڙي صورتحال کانپوءِ جتوئي برادريء جي ماڻهن جهيڙي ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ مير عدنان تنيي جي اوطاق تي ميڙ وٺي آيا. ان موقعي تي مير عدنان تنيي عرف فوجي پنھنجي برادري جي معزز شخصيتن تنيا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي ضلعي جي سيڪريٽري ۽ صحافي مشتاق تنيي، صابر تنيي، بلاول تنيي، بادشاھ تنيي، قادر بخش جتوئي ۽ ٻين دوستن جي سامهون جتوئي برادري جي ميڙ کي مان ڏيندي معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي کي معاف ڪري، ڀاڪر پائي خير جي دعا گهري ۽ پاڙي ۾ ڀائرن جيان رهڻ جو وچن ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لاڙڪاڻو
تنيا ۽ جتوئي
0 تبصرے