ڏوڪري(اطهر ميمڻ)ڏوڪري گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ڇهين جماعت کان اٺين جماعت تائين پوزيشن کڻندڙ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري ۾ پرنسپال تهمينہ ڪورائي، نفيسہ نور بخاري پاران ڇهين جماعت کان اٺين جماعت جي سالياني امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين جي انعام ورهائڻ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ ڊي اي او سيڪنڊري لاڙڪاڻو گلبهار مگسي، سي ايم او شازيہ گل جوکيو، ٽي اي او ممتاز علي تنيو، ٽي اي او جاويد علي، سڪندر علي عباسي، شبنم منگي، عامر جسڪاڻي، مقصود ميراڻي، گلاب جتوئي ۽ استاد ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين ۾ امتحاني رزلٽ، ٽرافي ۽ ٻيا انعام ورهايا ويا. ان موقعي تي تقريب کي ڊي اي او سيڪنڊري گلبهار مگسي، سي ايم او شازيہ گل جوکيو، پرنسپال تهمينہ ڪورائي، نفيسہ نور بخاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارڙن کي سٺي تعليم ڏني پئي وڃي، پهريون دفعو گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول انتظاميا پاران سالياني امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي انعام ڏئي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي، اهڙا پروگرام ٿيڻ سان شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌ کان وڌ پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪندا.
0 تبصرے