نواب تيمور ٽالپر پ پ ايم پي اي راڻا همير سنگهه سان ملاقات ڪئي، مختلف برادرين جا معززين به شريڪ
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي اين اي 213 تي چونڊ سرگرميون جاري، پ پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو سان پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي راڻا ھائوس عمرڪوٽ تي ملاقات، مختلف برادرين جي معززين جي پڻ شرڪت، چونڊ مھم جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي گذري. خبر موجب عمرڪوٽ ضلعي جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 213 تي پ پ جي سينيئر سياستدان نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي بعد اليڪشن ڪميشن طرفان اعلانيل 17 اپريل تي چونڊ مھم جي حوالي سان سرگرميون جاري آھن جڏھن ته چونڊ مھم جي حوالي سان گذريل ڏينھن پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو سان پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر راڻا ھائوس عمرڪوٽ پُھچي ملاقات ڪئي جتي عمرڪوٽ شھر جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ معززين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي، مھراج چيتن جوشي، پاميسٽ ڀڳوانداس جٽيه، ڪنول موھن لال رتناڻي، ايڊوڪيٽ ڀورالال ڀيل، انجنئير ڪنھيا موھن لال رتناڻي، ڪامريڊ يوسف نھڙي، ڪرشن لال بجير، ھوتچند مھيشوري، ڀڳوانداس مھراج سميت مختلف برادرين جي معززين پڻ شرڪت ڪئي جڏھن ته ملاقات دوران اين اي 213 تي ٿيندڙ چونڊ مھم جي حوالي سان پڻ ڳالھ ٻولھ ٿي گذري
0 تبصرے