سجاول (گلشيرميربحر) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن پاران صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي مان عيد ملن پارٽي رکي وئي ,عيد ملن پارٽي ۾ بار جي وڪيلن ۽صوبائي وزير سميت آيل مهمانن کي سنڌ ثقافت اجرڪون ۽ لنگهين جا تحفا پيش ڪيا ,عيد ملن پارٽي ۾ ڊي سي زاهد رند ايس ايس پي عبدالخالق پيرزاده ايم پي اي هير سوهو ايم پي اي ريحانه لغاري عبدالطيف ميمڻ ڊاڪٽر اقبال ميمڻ ۽ سياسي سماجي اڳواڻڻ شرڪت ڪئي ,بار جي صدر سجاد خواجه ۽ جنرل سيڪريٽري آفتاب پنهور سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا بار جي صدر خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياه مٿان ڇه غيرقانوني ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ جا وڪيل سراپا احتجاج آهن وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ڪئنالن جو ڪم نه روڪرايو ته وڪيل برادري پاران پنجاب جا بارڊر بند ڪرڻ واري اعلان عمل ڪندي پنجاب جا بارڊر بند ڪنداسين سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي پهرين ئي سهي نٿو ملي پنجاب وڌيڪ ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ ٿي چاهي پنجاب جو اهو منصوبو سنڌي قوم ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي وڪيلن هميشه سنڌ سان ملهايو آهي هن وقت به وڪيل سنڌ جو ڪيس مظبوط طريقي سان وڙهي رهيا آهن,
0 تبصرے