English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي اجلاس ۾ ڪئنالن خلاف ٺهراءَ پاس
views
|
07th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو اجلاس ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور جي صدارت هيٺ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هال ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي هارين ۽ عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو. اجلاس دوران ميمبرن چيو ته 1999ع کان وٺي سنڌ کي پنهنجي حصي کان 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن جي تصديق ارسا ۽ آءِ ايم ايف جي رپورٽن ۾ به ٿي چڪي آهي. هن وقت ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي 5 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ ٻڏي وئي آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سمنڊ روزانو 95 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، جنهن ڪري ساحلي پٽي تي رهندڙ ماڻهو ۽ چوپايو مال سخت ڏکيائين جو شڪار آهي.ميمبرن چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت ۽ ماهيگيري کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت جي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي سختيءَ سان رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪينال ٺاهڻ جي رٿ جي مخالفت ۾ متفقه ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور چيو ته پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سندھ
نعتیہ اشعار دلوں میں عشق مصطفی کا جذبہ پیدا کرتے ہیں، گورنر سندھ
03rd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو
03rd Sep 2025
•
کھیل
آئی سی سی کی نئی رینکنگ، سکندر رضا نمبر ون آل راؤنڈر بن گئے
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
جھمپير جي صحافي جي ڀاءُ جي گهر مان لکين رپين جي چوري
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، سندس معصوم پٽ زخمي
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو، سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي: اياز لطيف پليجو جو سردار اختر مينگل سان فون تي رابطي ۾ اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
0 تبصرے