English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
املهه ماڻڪ ھو...!
40 views
|
21st Mar 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لالا حسن پٺاڻ
“پٺاڻ تون اسان کي صفا غريب ٿو سمجھين ڇا؟” اھو جملو ماڻڪ ڪنگراڻي مونکي اڪثر چوندو ھو، خاص ڪري ان وقت جڏھن مان ان جي ڪاميابيءَ تي ساڻس مذاق ڪندو ھيس، کيس پي ٽي وي ايوارڊ مليو ھو، ان کانپوءِ اھڙن جملن جي ڏي وٺ ٿيندي ھئي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪافي وقت اسان گڏ رھياسين يا ساڳي علائقي ۾ رھياسين. عمر ۾ ننڍو ھجڻ ڪري منھنجي غلط ڳالھھ يا زور زبردستي بھ مڃي وٺندو ھيو. ڀائو زلف ۽ اسان جون ڪچهريون ٿينديون ھيون. ماڻڪ جي ڪري ئي مون جھڙي بي ادب جون ڪافي اديبن، شاعرن، اداڪارن ۽ صحافين سان پر تڪلف ڪچھريون ٿينديون ھيون. سائين عزيز ڪنگراڻي، ايوب گل، طارق ڪورائي، عبدالرحمان ملڪ، واحد ڀٽو، سميت ڪافي دوستن سان ويجھڙائپ رھي. جڏھن کيس پھريون سويئر ھارٽ اٽيڪ پيو ھيو تھ مان صبح جو سوير اين آءِ سي وي ڊي پھتس، وينٽ تي ھيو، اللہ جي مھرباني، ڊاڪٽرن جي محنت ۽ دوستن جي دعائن سان وڏي مشڪل بعد کيس ھوش آيو. منھنجي لاءِ سدائين خيال ڪندڙ دوست رھيو. مون کي ڊينگي بخار ٿيو، اسپتال ۾ ھو گڏ ھيو، ڪراچي جي رھائش گاھھ تھ ۲۵ کن شرپسندن حملو ڪيو، ست اٺ دوست وٺي پھچي ويو. دل جو سٺو ۽ سنڌ دوست ماڻھو اڄ اسان کان موڪلائي ويو. اسان جو دوست رياض سھيل مون کي جڏھن بھ ماڻڪ سان گڏ ڏسندو ھيو تھ ماڻڪ جي سامھون ھڪ خاص جملو چوندو ھيو، جنھن تي ماڻڪ کلي چوندو ھو “اڙي ٿري سڌري وڃ”، ٽھڪڙو پئجي ويندو ھو. اڄ سندس لاڏاڻي جي خبر جيءَ جھوري وڌو. سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ سائين عزيز ۽ ماڻڪ جي پُٽڙي ۽ گھر ڀاتين سان تعزيت ڪريان يا تعزيت وصول ڪيان؟ اللہ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي!!
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے انتخابات: جمہوری روایت کی شاندار مثال، جیت اور ہار صحافتی اتحاد کا حصہ ہے؛ سید امتیاز الحق بخاری
28th Dec 2025
•
دنیا
تائیوان میں 7 شدت کا زلزلہ، دارالحکومت تائی پے سمیت وسیع علاقوں میں جھٹکے
28th Dec 2025
•
تازہ ترین
کراچی پریس کلب الیکشن 2026: دی ڈیموکریٹس پینل کا 18ویں بار تاریخی کلین سویپ
27th Dec 2025
•
صحت
مونگ پھلی بطور اسنیک: ماہرین کے مطابق کھانے کا بہترین وقت کون سا ہے؟
28th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڪينجھر ڍنڍ ڪناري شو مهاديو مندر تي اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي وئي
28th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
آل پاڪستان هندو پنچائت جي آفيس نئين هنڌ منتقل
28th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ لاشاري برادري جي معزز جي گھر مان ڌاڙو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير ۾ احتجاج
28th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سانجھ سنڌ فورم طرفان قومي ڪارڪن عبدالرحمان حاجي سومرو جي ياد ۾ ميڙاڪو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لالا حسن پٺاڻ
ماڻڪ ڪنگراڻي
0 تبصرے