بَيتُ المُقَدِّسَ جِي آزادِي اَڻٽَرُ بَڻِجِي وَئِي آهي

اعجاز ممنائي

بَيتُ المُقَدِّسَ جِي آزادِي اَڻٽَرُ بَڻِجِي وَئِي آهي

هر سال رمضان المبارڪ جي آخري جمعي کي ”بيت المقدس“ جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد قبله اول بيت المقدس جي آزاديء لاء نئين عزم کي اجاگر ڪرڻ آهي۔ هي معاملو 1948ع ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن اسرائيل فلسطين جي 22 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري ورتو ، جڏهن 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي ته بچيل 22 فيصد تي قبضو ڪري پوري فلسطين تي ڪنٽرول ڪري ورتو ، اسرائيل جا اهي اقدام ايتري قدر خطرناڪ بڻجي ويا آهن جو هن مهل تائين اقوامِ متحده ڪيترين ئي قراردادن ۾ ان جي مذمت پڻ ڪري چڪي آهي ۽ پوري دنيا اسرائيل جي جارحانه حرڪتن کي ننديندي ان قراردادن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي پر افسوس اسرائيل جي خلاف ڪوبه قدم نه ٿو کنيو وڃي ان جو سبب اهو آهي ته اسرائيل کي آمريڪا جي سرپرستي حاصل آهي جيڪو پوري اسلامي دنيا کي پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن وقت اسرائيل نه صرف فلسطين جي زمين تي قابض ٿي رهيو آهي پر انهن جي مٿان ڏينهون ڏينهن ظلم جا پهاڙ ڪيرائي انساني حقن جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي.هزارين فلسطيني مرد توڙي عورتون اسرائيل جي قيد خانن ۾ صعوبتون برداشت ڪري رهيا آهن لکين بيگناهه ٻارڙن ۽ بزرگن جو قتل عام ڪيو ويو آهي ايتري تائين جو غزا جا پٽي مڪمل طور مسمار ڪئي ويئي آهي. جڏهن 1967ع ۾ اسرائيل ،آمريڪا جي مدد سان فلسطين ، مصر ، شام ۽ اردن تي حملا ڪيا ته سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 242 ۽ 337 جي ذريعي اسرائيل جي مذمت ڪئي ۽ ان کي چيو ويو ته فوري طور تي والاريل عرب علائقا خالي ڪري ، پر اڄ تائين اسرائيل اهي علائقا واپس ناهن ڪيا بلڪه ويتر انهن علائقن کان اڳتي وڌي مسلمانن جي قبله اول بيت المقدس تي قابض ٿي ويو آهي۔ اسرائيل جي اها بدمعاشي رڳو امريڪا جي ڪري آهي . هو هر موقعي تي اسرائيل کي بچائي مسلمانن مٿان حمله آور ٿئي ٿو . ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي يهودي لابي قابض آهن هالي وڊ ۽ وال اسٽريٽ تي انهن جو قبضو آهي. جڏهن ته قرآن مجيد ۾ واضح حڪم آهي ته يهودي ڪڏهن به مسلمانن جا دوست نه ٿا ٿي سگهن۔ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھ اها آهي امريڪا جو ڪل آبادي 2 فيصد يهودي آهن پر سينيٽ ۾ انهن کي 11 سيڪڙو سيٽون حاصل آهن ۽ هاڻي امريڪا جي اهم عهدن تي به يهودي اميدوار اچڻ لڳا آهن . مسجد اقصيٰ ۽ بيت المقدس جو معاملو ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي۔ بيت المقدس جي آزادي هڪ اهڙو مقصد آهي جيڪو هر باضمير مسلمان جي دل ۾ آرزو ۽ آس بڻجي ڌڙڪندو رهي ٿو. بيت المقدس جي آزادي لاءِ پوري ملت اسلامي کي بيدار ڪرڻ ضروري آهي جيڪڏهن اتحاد جي فضا قائم نه ٿيندي ته يهودي لابي عرب ملڪن سان گڏ سمورن اسلامي ملڪن تي قابض ٿي ويندي۔ مسلم ملڪن جي مضبوط اتحاد نه هئڻ سبب اڄ غزه جي وڪوڙيل فلسطينين، لبنان شام ۽ يمن جي صورتحال کي ڏسي سگهجي ٿو جتي اسرائيل امريڪا رت جا ريج ڪري ڇڏيا آهن. انساني حقن جا دعويدار مغربي ملڪَ حسب معمول خاموشي سان تماشو ڏسي رهيا آهن انهن مان چڱائيء جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مثل آهي۔امام خميني رح آمريڪا جي مڪاري ۽ اسرائيل جي نابوديء جو دڳ اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن توهان انهن کان خوفزده ٿيندو ته اهي توهان تي قابض ٿي ويندا انڪري سمورا مسلمان گڏجي هڪ هڪ بالٽي پاڻيء جي اسرائيل مٿان هاريندو ته اسرائيل تباهه ٿي ويندو ائين امريڪا جو گڏيل سگهه سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو۔ فلسطيني عوام گذريل 77 سالن کان صيهونين جي هٿان انسانيت سوز ظُلم برداشت ڪري رهيو آهي 50 لک کان وڌيڪ فلسطيني مسلمان پنهنجي وطن کان دور مهاجر ڪئمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن قوميت جي نالي تي صيهونين سان لڙائي لڙڻ وارا فلسطيني اڳواڻ ۽ تنظيمون صيهونين جي آڏو اڪيلي سر مهاڏو اٽڪائي بيٺل آهن توڙي جو مسلم ملڪن مان صرف اڪيلو ايران کلم کلا سندن حامي ٿي مدد ڪري رهيو آهي جنهن سبب کيس وڏيون قربانيون ڏيڻيون پئجي رهيون آهن جڏهن ته عرب ملڪ آمريڪا کي پنهنجو آقا تسليم ڪري سندس غلام بڻجي ويا آهن ۽ سمجهن ٿا ته جيڪڏهن آمريڪا سان ڦٽايوسين ته اسان به فلسطينين وانگر مارجي تباهه ٿي وينداسين۔ اتحاد نه هئڻ ڪري يقينن ائين ئي ٿيندو ڇوته دشمن توهان کي آزمائي رهيو آهي پر اسان خدا جي ذات تي يقين ڪرڻ ۽ ان کان مدد ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهيون فلسطين جو موجوده نسل ايمان شهادت ۽ اسلامي اقتدار تي يقين رکندي سپر طاقتن جو مقابلو ڪري رهيو آهي انهن11 فيبروري 1979 ۾ ايران جي شاهي حڪومت جي تخت کي اونڌو ٿيندين ڏسي يقين ڪري ڇڏيو آهي ته دشمن ڪيترو به مضبوط هجي ان کي مات ڏيئي سگهجي ٿي۔فلسطيني قوم صيهونين جي ڪنهن به طريقي سان غلامي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي انهن پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو به ايراني عوام جي نقش قدم تي هلندين،ڪنهن به ٻاهرين طاقت جي مدد کان بغير پنهنجي ڌرتيء جي بقا ۽سلامتيء لاء هرقسم بي قرباني ڏيڻ لاء هر وقت تيار آهي. بهرحال هن وقت فلسطيني عوام تمام تنگي ۽ تڪليف جي عالم ۾ صيهوني طاقتن جو مقابلو ڪري رهيو آهي. اسلامي ملڪ ۽ انهن جي تنظيم او آئي سي ڪجهه به ڪرڻ لاء تيار ناهي. عرب ملڪ ۽ انهن جي تنظيم عرب ليگ ڪنهن به عملي ڪم انجام ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي ڇوته مٿن خوف طاري آهي اهڙي صورتحال ۾ فلسطين جي ڌرتي جي آزادي ۽ صيهونين جي چنگل مان مسلمانن جي قبله اول بيت المقدس جي رهائي ناممڪن آهي۔ڇوته مسلمان بيت المقدس کي به ايران جو ذاتي مسئلو سمجهن ٿا جنهن ڪري امام خميني رحه جي اعلان کان ڪن لاٽار ڪندي رمضان المبارڪ جي آخري جمعي کي قدس جو ڏينهن ملهائڻ کان لاچار آهن ايتري تائين جو اهو ڏينهن ملهائڻ وارن سان گڏجي هڪ پليٽ فارم تي بيهڻ لاء تيار ناهن ته پوء بيت المقدس جي آزادي ڪيئن ممڪن بڻجي سگهندي۔فلسطين جي سرزمين تي قبضو ، فلسطين جي مظلوم عوام جي قتل و غارت گيري ڪرڻ اسپتالن ، اسڪولن ۽ گھرن مٿان بمباري ڪرڻ ۽ موجوده صورتحال ۾ کاڌ خوراڪ ۽ دوائون جي کوٽ ھنڻ سڀني ظلمن جو ڏوھاري آمريڪا ۽ ان جي ناجائز اولاد اسرائيل آهي جنهن خلاف گڏجي آواز بلند ڪرڻو آهي۔ هن وقت اسلامي امت جي بيداري ۽ جاڳرتا لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عمليء جي ضرورت آهي جنهن سان فلسطين ۽ بيت المقدس وارو مسئلو حل ٿي سگهي۔