شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور باء پاس لڳ منڇر شاھ پير جي رھواسي بشير گوپانگ پنھنجي برادري جي معززين رئيس ھزار خان گوپانگ, رئيس داد محمد گوپانگ, امام بخش گوپانگ, نظر گوپانگ سان گڏجي پنھنجي رھائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي پنھنجي مٿان لڳل منڇر شاھ پير ۽ قبرستان واري پلاٽ جي قبضي وارو الزامن کي رد ڪندي چيو تہ مون ڪوبہ قبضو نہ ڪيو آھي, جڏھن تہ منڇر شاھ پير ۽ قبرستان واري ايراضي مونکان ڪافي پري آھي, منھنجي ذاتي پراپرٽي آھي, جنھن جي مونکي ڳوٺ آبادي اسڪيم تحت الاٽ ٿيل سرڪاري سند بہ موجود آھي,ھن چيو تہ منھنجي مٿان لڳل سمورا الزام بي بنياد آھن, اسان کي ھتي 50 سالن کان وڌيڪ جو عرصو ٿيو آھي,تڏھن کان اسان جي ھتي رھائش آھي ھن قبرستان ۾ اسان جا وڏا پڻ دفن ٿيل آھن,قبرستان ۽ پير واري زمين تي ڪوبہ قبضو ناھي, ھن چيو تہ اسان جي ڀرسان عبدالغفور بکراڻي جو مدرسو ۽ مسجد آھي, روڊ جي مٿان مين باء پاس تي اسان ڪيئن قبضو ڪنداسين ھن چيو تہ منڇر شاھ پير جو متولي اسان کي ڪافي وقت کان وٺي بليڪ ميل ڪري رھيو آھي, اسان مٿان اڳ بہ ھن اھڙي قسم جا الزام ھڻي اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي اھي, اسان شريف ماڻھو آھيون ھو چند لوفرن جي چوڻ تي اسان کي بدنعام ڪري رھيو آھي ۽ اسان کي ڌمڪائي رھيو آھي, اسان ھاڻي خاموش نہ ويھنداسين ضرورت پئي تہ قانون جو سھارو وٺي ان خلاف ايڪشن وٺنداسين.
0 تبصرے