ملير جي مختلف علائقن ۾ پ پ جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف ريليون

ريلين جي اڳواڻي شاهينه شير علي، محمد سليم بلوچ، امان الله مسعود، ساجد جوکيو آغا رفيع ۽ ٻين ڪئي

ملير جي مختلف علائقن ۾ پ پ جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف ريليون

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ پاران اعلانيل سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف پيپلزپارٽي ملير جي ضلعي صدر ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ ۽ چونڊيل نمائندن جي اڳواڻي ۾ ملير جي مختلف علائقن کان ريليون ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ صوبائي وزير شاهينه شير علي، صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ، صوبائي صلاحڪار امان الله مسعود، ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، ايم اين اي آغا رفيع الله، ضلعي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، ملير ٽائون چيئرمين جان محمد بلوچ، شاهجهان خان، آغا طارق پٺاڻ، حاجي علي احمد جوکيو ـ داد ڪريم بلوچ سميت پارٽي اڳواڻن، يوسي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت پ پ جي سهاري تي هلي رهي آهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻن پيا جيڪو سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي جيڪو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي ڌرتي خاطر اقتدار کي ٺوڪر هڻنداسين، الزام آهي ته ان سازش ۾ قيادت ملوث آهي پر ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته صدر آصف علي زرداري ڪڏهن به سنڌ جي حقن تي سوديبازي نه ڪندو، بلاول ڀٽو جي حڪم تي اڄ احتجاج ڪري رهيا آهيون ان معاملي تي جيڪڏهن قيادت سستي ڏيکاري ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان کي سيکاريو آهي ته قيادت آڏو احتجاج ڪنداسين، هنن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي سنڌ جا ماڻهو اڳ ۾ ئي پاڻي کوٽ سبب پريشان آهن ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسندا، پيپلزپارٽي سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪندي اچي پئي ڇو ته سنڌ پاڪستان جي دل آهي ملڪ جي سلامتي سنڌ سان سلهاڙيل آهي ڪئنال ٺاهڻ پاڪستان ٽوڙڻ جي برابر آهي، اڳواڻن چيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پاران احتجاج ڪري ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا پيا وڃن اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي سڪڻ نه ڏينداسين جيڪي سنڌ جو پاڻي کسي چولستان کي آباد ڪرڻ چاهين ٿا اصل ۾ اهي ملڪ دشمن آهن اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال جي حمايت نه ڪنداسين ۽ نه وري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، اڳواڻن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته فوري طور تي ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ وفاقي حڪومت کان ڌار ٿينداسين.