شڪارپور ۾ پيپلز پارٽي جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي

شڪارپور ۾ پيپلز پارٽي جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي

شڪارپور ( احسان ابڙو) شڪارپور ۾ پيپلزپارٽي طرفان ڪئنالن خلاف ڀرپور احتجاج, ڀيو هائوس تان ضلعي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو, ايم اين اي شھريار خان مهر, ايم پي اي آغا سراج دراني, ايم پي اي محمد عارف خان مهر, شڪارپور جي ضلعي چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو جن جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻن چيو تہ سنڌ مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن کي اسين رد ڪيون ٿا, پ پ ھميشہ سنڌ ۽ ملڪ جي دفاع جي جنگ وڙھي آھي, اسان جا ليڊر بہ ملڪ قوم خاطر جان جي قرباني ڏيئي ويا پر ڪڏھن بہ ملڪ جو سودو نہ ڪيو ھي ڌرتي اسان جي ماء آھي سنڌو درياھ اسان جو جياپو سنڌ آباد ئي زرعي حوالي سان آھي پاڻي بنا اسان جا ھاري فاڪاڪشي جھڙي پوزيشن ۾ اچي ويندا ھنن چيو تہ ڪجھ نام نھاد ماڻھو پنھنجي سياسيت کي چمڪائڻ لاء ريگستان تي بيھي ڪئنال ٺھڻ جي دعوي ڪن پيا اھڙو ڪو بہ منصوبو نہ پيو ٺھي جي اھڙي سازش ڪئي وئي تہ پ پ جو ننڍو وڏو ڪارڪن جيالو سنڌ خاطر سڀ کان پھريان روڊن تي نڪرندو ڪئنالن واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا اھڙي قسم جي ھر سازش کي منھن ٽوڙ جواب ڏينداسين ڪالاباغ ڊئم خلاف اسان جو موقف سڀ جي سامھون آ ھر محاذ تي سنڌو درياھ جي بقا ڪنداسين ريلي ۾ وڏي انگ ۾ پارٽي ورڪرن جيالن معزز شخصيتن شرڪت ڪري ڪئنالن واري فيصلي کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.