رسول بخش پليجو جو ٻيو جنم، اياز لطيف پليجو

پنھل سولنگي

رسول بخش پليجو جو ٻيو جنم، اياز لطيف پليجو

جڏهن ڪالاباغ ڊيم جھڙي مصيبت پئي تعمير ٿي ۽ جنهن ڪالاباغ ڊيم ذريعي سنڌو درياءَ جي فطري وھڪرن جو رُخ تبديل ڪري، جنت الفردوس جھڙي، سرسبز ڌرتي سنڌ کي ويران ريگستان بڻايو پئي ويو، تنھن وقت اھڙي خطرناڪ سنڌ دشمن، انسان ۽ ماحول دشمن منصوبي کي، محترم رسول بخش پليجي صاحب پنھنجي ڏاھپ، دور انديشي، سنجيدگي، مستقل مزاجي ۽ ٺوس دليلن ذريعي سڄي دنيا ۾ نہ رڳو وائکو ڪيو پر سندس لڳاتار بيمثال جدوجهد کيس ائين ھميشه دفن ڪري ڇڏيو جئين اڄ اياز لطيف پليجو، سنڌو درياءَ مان ڇھن ڪينالن ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ، شھر، شھر ڳوٺ، ڳوٺ ۽ سنڌ جي گھٽي گھٽي ۾ وڃي ناپاڪ اراديت جي مالڪ حڪمرانن کي وائکو ڪيو آھي, ۽ انسانيت توڙي ماحول دشمن منصوبابنديءَ خلاف سڄي سنڌ جي ٻچي, ٻچي کي سجاڳ ۽ خبردار ڪيو آھي. ھن ڳالھ جو اھو مطلب هرگز ڪونھي ڪو، تہ رسول بخش پليجي صاحب جي اُن وقت جي تاريخي جدوجھدن ڀيري، يا ھاڻي اياز لطيف پليجو صاحب جي سنڌوءَ درياءَ جي بقاءَ ۽ ست ڪروڙ سنڌين جي جياپي جي واحد وسيلي توڙي انسانن، جانورن، جيوت ۽ پکين کي زندھ رکندڙ ماحول کي موت مار ماحول ۾ تبديل ڪرڻ خلاف، ھلندڙ سندس مستقل سگھاري جدوجهد جي ڀيٽ ۾ سنڌ جون ٻيون پروگريسو، عوام دوست ۽ ترقي پسنڌ ڌريون خاموش آھن، فقط اياز لطيف پليجو ميدان ۾ آھي ائين ناھي، پر سياسي حڪمت عملين، جٽادار موقف ۽ حقيقتن جي پٺيان گھري تحقيقن ۽ عملن جو فرق واضح ھجي ٿو، ماضيءَ ۾ جھڙي طرح محترم رسول بخش پليجو صاحب سنڌ جو پاڻي ڪيس وڙهيو ھو ائين ٻيو ڪوبہ نہ وڙهيو، يا محترم رسول بخش پليجي صاحب جي سڄي سنڌ ۾ جيڪا ھلچل ھئي ان ھلچل سنڌ جي نج پورھيت طبقي، ھاري، مزدور، شاگرد، ننڍڙن ٻارن ۽ خاص طور تي ھاري عورتن کي ڪالاباغ ڊيم خلاف ھلندڙ جدوجهد کي جاندار بڻائڻ لاءِ جھڙي نموني سان کين جدوجهد جو ميدان وٺرايو ھو ائين ان وقت سنڌ ۾ ٻيو ڪير بہ نہ ڪري سگھيو ھو.! تئين ھن وقت اياز لطيف پليجو صاحب ڪٿي بہ ڪا خانان پوري تحت جزباتي تقرير ڪري عارضي طور تي ماڻھن کي جزباتي ڪري سکڻا نعرا ڪون ھيا آھن، بلڪ ست ڪروڙ سنڌين جي حال ۽ مستقبل سان جڙيل معاملن ۽ مصيبتن بابت ڪيل سندس تحقيق آھر بار، بار ۽ ھر ھنڌ، چٽي نموني، تفصيلن ۽ واضح دليلن سان عوام کي باخبر ۽ باشعور بڻائي، ھر سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن فيصلي آڏو ثابت قدمي، مستقل مزاجي، جرئتمندي ۽ بهادري سان پنھنجي درياءَ، ڌرتي ۽ وسيلن جا محافظ بڻجن لاءِ ماڻھن جي ذھنن ۽ ضميرن کي جاڳايو آھي. اھڙي سجاڳي جا سنڌ ۾ ھاڻي سڌا سنوان ۽ ھر روز ڪيترائي نوان مثال ملن ٿا. مون ڪيترائي ڀيرا ھوٽلن تي ويٺي يا واٽ ويندي، اياز لطيف پليجو صاحب جي ڳالھين کي عام ماڻھن جي واتان ڌورائيندي ۽ انھن ڳالھين تي مثبت تبصرا ڪندي ٻڌو آھي. مطلب جئين ڪالاباغ ڊيم خلاف، ڊگھي عرصي تائين ان وقت جي ڏاھي سياستدان رسول بخش پليجي صاحب سنڌ ۾ مستقل جدوجهد جو ماحول جوڙيو ھو، ائين ئي اڄ اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ گذريل ٻن چئن مھينن ۾ سڄي سنڌ اندر تيز ترين جدوجهد جو سلسو هلائيندي، مختلف ضلعن اندر گھٽ وقت ۾ جيترا درياءَ بچايو جلسا، شارٽ لانگ مارچ، ريليون مظاھرا، سنڌياڻي تحريڪ طرفان ھر ضلعي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪري ۽ اڃان تائين اھو سلسلو جاري رکندي ڪروڙين ماڻهن کي سنڌو درياءَ تي ڪينال اڏڻ ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪرڻ بعد سنڌ جي تباھ ڪارين جي جئين آئيني وانگر تصوير ڏيکاري سگھيو آھي، ۽ جئين مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڳٽ جوڙ ۾ سنڌ جي پاڻيءَ، زمينن ۽ وسيلن تي گڏجي سڏجي ڌاڙي ھڻڻ عيوض آصف زرداريءَ جو سنڌ ۾ مستقل اقتدار ۽ ان اقتدار لاءِ بيروني ۽ ملڪ جي ڳُجهين طاقتن جي مداخلت توڙي مداخلت ڪري آصف زرداري جو اقتدار بچائڻ پٺيان انھن غير ملڪي ۽ اندروني طاقتن جي مفادن خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي ايندڙ نسلن، وسيلن، روزگار ۽ معمول مطابق ماڻھن جي خوشحال زندگي گذارڻ کي ھميشہ لاءِ بدترين بدحالي ۾ ڌڪڻ جي منصوبابنديءَ تان جھڙي ريت اياز لطيف پليجو بڙدو کڻي بروقت ماڻھن کي، حڪمرانن جي ڳجهين سازشن بابت آگاهي ڏيندو رھي ٿو، ائين سنڌ ۾ ھن وقت تائين ٻيو ڪير بہ اثرائتي عوامي آگاهي مھم ھلائي ناهي سگھيو. ٻئي پاسي پاڪستان جي سنڌي توڙي اردو ميڊيا ٽاڪ شوز، پريس بريفنگ ۽ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيندڙ سندس اھو جٽادار ۽ ٺوس ثبوتن تي مشتمل موقف صحافين، وڪيلن، شاگردن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻھن جي ذھنن جي روزاني زبردست پرورش پيو ڪري، سنڌ جي ماڻهن جي سوچ کي درست رخ پيو وٺرائي، ماڻھن ۾ سوال ڪرڻ ۽ پنھنجا حق گھرڻ جي سگھ پيو پيدا ڪري، ان حد تائين جو ھاڻي ڪٿي بہ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو ڪو بہ وزير، ايم اين اي ۽ ايم پي اي ماڻھن جي ميڙ ۾ ۽ ميڊيا آڏو وڃڻ کان صرف ان ڪري ٿو پاسو ڪري جو عام ماڻهو ۽ صحافي سنڌوءَ درياءَ تي ڌاڙي بابت سوال ٿا ڪن ۽ پيپلزپارٽيءَ طرفان ماڻھن کي بيوقوف بڻائيڻ وارن جوابن آڏو صحافين ۽ عام ماڻھن وٽ اڳ ۾ ئي اياز لطيف پليجو جو وزنائتو موقف موجود آھي، ان آڌار تي صحافي ۽ عام ماڻهو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ جي موقف جو حوالي ڏيئي سندن ھر جواب کي رد ڪري سندن چهرا ھيڊا ڪري ٿا ڇڏين. پيپلزپارٽيءَ جا نمائندا بہ ھاڻي سنڌوءَ درياءَ بابت سوالن کان ايڏو تہ بيزار آھن ۽ کين ھاڻي اھڙي چڙ ٿي وٺين جو وس پڄين تہ سوال ڪندڙ کي گُھٽا ڏئي ماري ڇڏين، پر سنڌ جي مزاحمت جو اوچتي اٿلي پيل درياءَ آڏو مجبور آھن.اھڙي صورتحال کان اڳ ۾ ميڊيا بريفنگ دوران، ڪينالن جو فيصلو واپس نہ وٺڻ جي صورت ۾ اياز لطيف پليجو ھڪڙي جاءِ تي اشارن ۾ حڪمرانن کي سمجهائيندي اھو پڻ چئي چڪو آھي تہ توھان کي اھڙا سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ جي ڀيانڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي، شايد اياز لطيف پليجو جي ڀيانڪ قيمت جي مراد حڪمرانن خلاف سنڌ ۾ بي قابو عوامي مزاحمت ھئي، جنهن مزاحمت جي گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻ گزريل چئن مھينن کان مسلسل سڄي سنڌ جھاڳيندو رھي ٿو. ۽ ھاڻي سندس سمورا اھي پنڌ سجايا ٿيندي نظر اچن پيا، ڏسندي ئي ڏسندي ھن وقت سنڌ جا سمورا طبقا، وڪيل، شاگرد، سول سوسائٽي، صحافي، واپاري، مزدور ۽ ننڍين، ننڍين ڪمپنين جا مالڪ ۽ ورڪر توڙي سنڌ جو ٻچو، ٻچو سنڌو درياءَ تي ڪينالن جي اڏاوت خلاف حڪمرانن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي روڊن تي اچي ويو آهي ۽ سڄي سنڌ ھن وقت دکي، دکي ٻري پئي آھي، جنهن کي شايد ھاڻي ڪينالن جي منصوبي کي مڪمل رد ڪرڻ کان سواءِ حڪومت وٽ ان باھ کي وسائڻ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي، ائين ئي جئين رسول بخش پليجي جي جدوجهد آڏو حڪمرانن وٽ ڪالاباغ ڊيم کي ھميشه لاءِ دفن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بہ رستو ڪون ھو ۽ بلڪل اھڙي طرح ان ڳالھ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ھوندو تہ رسول بخش پليجي جو فرزند يا ھئين کڻي چئجي تہ رسول بخش پليجي جو ٻيو جنم اياز لطيف پليجو اڄ سنڌ ۾ ٻيھر ماضي جي اھڙي تاريخي ۽ بيمثال جدوجهد کي ڌورائيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو نظر اچي پيو، تاريخ شاهد رھي آھي تہ سنڌ ڪڏهن بہ ھارائي نٿي سگهي، يقينن ھن ڀيري بہ ڪون ھارائيندي، شڪست ھميشه دشمن کي آئي آھي ۽ فتح جو علم سدائين سنڌ جي ھٿ ۾ رھيو آھي ۽ رھندو. punhal.s.786@gmail.com