سنڌ جي هارين، آبادگارن ۽ غريب ماڻهن لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جو معاملو رڳو زرعي اصلاح نه، پر زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري پاران جاري ڪيل پريزيڊنشل آرڊر، جنهن تحت سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي اجازت ڏني وئي آهي، ان فيصلي تي نه رڳو سياسي ڌريون، پر عام ماڻهو به مايوس ۽ ناراض نظر اچي ٿو.
سوال اهو آهي ته ڇا اها ساڳي پيپلز پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي وجود جي شروعاتي دور ۾ هارين، مزدورن، ۽ پورهيتن جي پارٽي سڏبي هئي؟ ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو "زمين انهن جي، جيڪي انهن کي جوڙين" اڄ به سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳايا وڃن ٿا، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڀٽو جي پارٽي اڄ انهن هارين جي زمينن تي ڪارپوريٽ دنيا جي قبضي جي رستا هموار ڪري رهي آهي.
سنڌ جي زمينن تي جيڪو تماشو لڳائڻ جي تياري آهي، ان کي "سرماياداري فارمنگ" به چئي سگهجي ٿو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي هارين کان زمينون کسڻ، وڏن پئسي وارن، ملٽي نيشنل ڪمپنين، ۽ اثرائتن ماڻهن حوالي ڪرڻ وارو رستو صاف ڪيو پيو وڃي.
پريزيڊنشل آرڊر ذريعي سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل واعدن، ڀٽن جي منشور، ۽ بينظير ڀٽو جي خوابن سان سراسر ڌوکو آهي.
هڪ پاسي صدر زرداري آهي، جيڪو ڪارپوريٽ فارمنگ جو وڏي فخر سان اعلان ڪري ٿو. ٻي پاسي پارٽي جي ڪي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن وٽ عوام جو خوف به آهي، تنهنڪري هو ٻه ٻول عوام لاءِ الڳ ٿا ڳالهائن. هي ٻٽي پاليسي، جيڪا پارٽي جي اندر هلندڙ ڇڪتاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، پيپلز پارٽي کي سياسي طور وڏي بحران ۾ وجهي سگهي ٿي.
اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ جو فيصلو پنجاب لاءِ ٿئي ها ته؟
پنجاب ۾ زمين تي قبضو ته پري جي ڳالهه آهي، ايڪڙ زمين جي باري ۾ ڳالھ به ٿئي ها ته پنجاب جي اسيمبلي کان وٺي اسلام آباد تائين ڌرڻا لڳي وڃن ها. پر سنڌ لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي! سنڌ جي زمين تي وار ڪرڻ هر حڪومت، هر حڪمران لاءِ آسان ڇو آهي؟
هن ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي:
سنڌ جي هارين کان سندن ڌرتي کسي ويندي.
سنڌو درياهه جو پاڻي بند ٿيڻ جا بهانا ٺاهيا ويندا.
هارين کي پاڻيءَ کان محروم ڪري، بک، بدحالي ۽ لاقانونيت ۾ ڌڪي ڇڏيندا.
سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته پيپلز پارٽي هاڻ ڇا چوندي؟
ڇا اها رڳو حڪومت جي ڪرسي بچائڻ لاءِ عوام کان منهن موڙي هلندي؟
يا هارين سان گڏ بيهي پنهنجي سياسي حيثيت بحال ڪندي؟
سچ ته هي معاملو پيپلز پارٽي لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ تاريخي امتحان آهي.
جيڪڏهن اڄ به پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف فيصلو نه ڪري، ته سنڌ جي ماڻهو ان کي نه وساريندا. سنڌ ۾ جيڪي دليون ڀٽو لاءِ ڌڙڪنديون رهيون، اهي هاڻ پيپلز پارٽي لاءِ نفرت جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون.
هي معاملو رڳو زمين جو نه، پر سنڌ جي وجود، سنڌ جي تاريخ، ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بقاءَ جو سوال آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي اڄ به پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي ماڻهو کين سياست مان مڪمل طور رد ڪري سگهن ٿا.
سوال رڳو زرداري جي حڪم جو نه آهي، سوال اهو آهي ته سنڌ جا ماڻهو هاڻ خاموش رهندا يا جدوجهد ڪندا؟
ڇا سنڌ جا هاري، آبادگار، نوجوان، ۽ عورتون پنهنجو حق وٺڻ لاءِ سڑڪن تي ايندا؟
يا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي پنهنجون ڌرتيون وڃائي خاموشي سان قبول ڪندا؟
آخر ۾، اها ڳالهه ٻيهر ورجائڻي آهي ته:
"سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جي ماڻهن جي آهي، نه ته ڪنهن حڪمران جي، نه ڪنهن وڊيري جي، ۽ نه ڪنهن ڪارپوريٽ جي."
هاڻ فيصلو سنڌ جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي.
يا ته ڌرتي بچائبي، يا ڌرتي وڃائبي!
0 تبصرے