ملير(ڊ ر) ملير کوکراپار۾ فرزانه نعيم فائونڊيشن اسڪول پاران ٻارن کي عيد گفٽ ۽ عيد جي خرچي ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ علائقي جي معززين ۽ والدين شرڪت ڪري اسڪول جي ھن عمل جي ساراه ڪئي انھي موقعي تي فرزانه نعيم فائونڊيشن اسڪول جي باني، ميڊم فرزانه خطاب ڪندي چيو ته اسان 2023 ۾ ھن اسڪول جو بنياد وڌو ۽ بنا ڪنھن فرق جي ميرٽ جي بنياد تي انھن غريب ٻارن کي داخلائون ڏنيون جيڪي حقيقي طور تي ان جا حقدار ھئا جن کي نه رڳو اسان جي اداري پاران مفت تعليم ڏيون ٿا پر انھن کي ڪتاب يونيفارم ۽ تعليم جي حوالي سان سموريون سھولتون مفت ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ھن اسڪول جي سموري اسٽاف جن ۾ انچارج مس سانيه ڪنول مس مسڪان خان مس سدره مس حمنه مس زيمل مس اليشبه مس منيبه ۽ ٻين جي خدمتن کي پڻ ساراھيو انھي موقعي تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ملير جي يوسي غريب آباد جي چيئرمين علي نواز پرھياڙ چيو ته کوکراپار جي علائقي مومن آباد ۾ فرزانه نعيم فائونڊيشن اسڪول علائقي جي غريب ٻارن لاء مثالي ادارو آھي جيڪو ھن نفسا نفسي جي دور ۾ غريب ٻارن کي نه رڳو مفت تعليم ڏيئي ٿو پر ھنن کي ڪتاب يونيفارم سميت سموريون سھولتون ڏيئي کين تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جي ڪوشش ڪري تمام وڏو ڪم ڪري رھيو آھي ھن چيو ته جيڪڏھن فلاحي ڪم ڪندڙ ڪجھه ادارن جي ھن فائونڊيشن جھڙي سوچ ٿئي ته پرائيويٽ ۽ مهانگا تعليمي ادارا مڪمل طور تي ختم ٿي سگھن ٿا جيڪي اسان جي غريب والدين مٿان بوجھ بڻيل آھن مومن آباد ويلفيئر جي صدر سماجي اڳواڻ شاد ميان ۽ جنرل سيڪريٽري اسماعيل قمبراڻي چيو ته اسان جي معاشري ۾ مدد ڪندڙ ھٿ موجود آھن پر اھي ڪجھ ڪرپٽ ماڻھن جي ورچڙھي تباھ ٿي ويندا آھن پر انھن ۾ ميڊم فرزانه جھڙا بي لوث ڪردار به موجود آھن جن جي محنت محبت ۽ ڪاوش يقينن اسان جا علائقي لاء تمام وڏو اعزاز آھي جن جي اسان ھر موڙ تي نه رڳو حوصلا افزائي پر سندن ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاء پڻ تيار آھيون تقريب کي جاويد عزيز خطاب ڪندي چيو ته ميڊم فرزانه پاران اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سوين ٻارن کي عيد گفٽ ۽ عيد جي خرچي نه صرف اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن جي حوصلا افزائي آھي پر ھن عمل انھن ٻارن کي پنھنجائپ وارو احساس ڏياريو آھي.ميڊم ھي روايت وجھي ٻين اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ھتي جي علائقي واسين ۽ والدين جون دليون کٽي ورتيون آھن تقريب ۾ ,ڪائونسلر قادر لاسي،ڊاڪٽر ارشد، اشعر ڀائي شاھنواز خادم ڀائي عبدالقادر پرھياڙ ۽ محمد اشعر سميت والدين ۽ علائقي واسين اسڪول جي هن عمل کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا تعليمي ادارا غريب طبقي جي ٻارن لاءِ روشن مستقبل جو سبب بڻجندا.
0 تبصرے