English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد ۾ عوامي تحريڪ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
241 views
|
17th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(ڊي ڪي شر )سنڌو درياهه تي ڇهن ڪينالن، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان رزاق آباد ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي وئي سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ۽ ڪينال قبول ناهي، نور احمد ڪاتيار مرڪزي سينيئر نائب صدر عوامي تحريڪ چولستان ڪينال سميت سنڌو درياهه مان نڪرندڙ سمورا ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن، نور احمد ڪاتيار پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ناجائز ڌاڙو هڻي رهيو آهي، نور احمد ڪاتيار ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن جو حساب ڏنو وڃي، نور احمد ڪاتيار سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان رزاق آباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، ٻارڙن، ٻڍن، نوجوان، مزدورن، شاگردن شرڪت ڪئي. چولستان ڪينال خلاف ڀرپور نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ستار گوپانگ، عزيز لانگاهه، سندر ڪمار، ڄام ساگر، نبي بخش شيخ، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، ڀورا لعل ڀيل، مرتضي زئور ۽ ٻين ڪئي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ وارين سنڌ دشمن رٿائن کي سنڌ رد ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ڏي. چولستان رٿا وسيلي سنڌ جي ڪروڙين عوام جو قتلام ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پي ٽي آئي ۽ پيپلز پارٽي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. صدر زرداري 8 جولائي 2024ع تي ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڊراما ڪري ڪئنالن لاءِ ٺهراءُ پئي بحال ڪري. پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ بدران شهباز شريف جي حڪومت کان الڳ ٿي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ اڳ ۾ ئي بنجر بڻيل آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ روز جي بنياد تي سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي. انڊس ڊيلٽا جي تباهي سبب سنڌ جا لکين ماڻهو بک ۽ بيروزگاري سبب متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڇهن ڪينالن وسيلي سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. پيپلزپارٽي جا ڪينال مخالف بيان ڪوڙ، ڊرامو ۽ فراڊ آهن. صدر زرداري ڪينالن جي منظوري ڏئي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جو وڏو حمايتي آهي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو پورهيت عوام سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ ساھ آخري گهڙين تائين جدوجھد ڪندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد ۾ عوامي تحريڪ
awami tahreek
0 تبصرے