چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي جي صدارت ھيٺ تعزيتي اجلاس

تعزيتي اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي برک سياستدان نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي گھري ڏک جو اظهار

چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي جي صدارت ھيٺ تعزيتي اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي جي صدارت ھيٺ ھڪ تعزيتي اجلاس ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي تعزيتي اجلاس ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي برک سياستدان مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي گھري ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ سندس ايثال ثواب جي لاء ھڪ اجتماعي دعا پڻ ڪئي ويئي، ان موقعي تي چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي خطاب ڪندي چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي اسان سڀني کي تمام گھڻو ڏک آھي، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر ھميشه غريب توڙي مظلوم طبقن جو ڀرجھلو رھيو، ھن ھميشھ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي خاص ڪري پاڻي جي مسئلي تي ھميشھ پنھنجو آواز اٿاريو ۽ ايوانن ۾ ڳالھايو، ان موقعي تي وائيس چئرمين ميان خالد ولھاري خطاب ڪندي چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي سياسي زندگيءَ سنڌ جي حقن جي جاکوڙ لاءِ گذري ۽ ان جيڪو وچن ڪيو اھو ھن پنھنجي زندگي جي آخري گھڙين تائين نڀايو ۽ اڄ پوري سنڌ نواب يوسف ٽالپر کي ياد ڪري ٿي ۽ نواب يوسف ٽالپر کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو، ان موقعي تي ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي سوڳوار خاندان کي صبر ڏي ۽ نواب يوسف ٽالپر کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي، ان موقعي تي نواب يوسف ٽالپر کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي ميمبرن پڻ پنھنجا ويچار ونڊيا، ان موقعي تي اجلاس ۾ وائيس چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، چيف ضلع ڪائونسل آفيسر عمرڪوٽ امتياز علي هاليپوٽو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن صوفي عقيل، لال محمد سميجو، شاھنواز جوڻيجو، خير النساء سومرو، حاجي احمد علي آريسر، نور جھان گيلھڙو، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چئرمين رسول بخش رحيمداڻي سميت ٻين ميمبرن توڙي ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن، پ پ جنرل سيڪريٽريءَ صوفي نواز سومرو، پ پ انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر، صحافين سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي مردان شاھ جي ڀاءُ نواز علی شاھ جي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گھري ويئي.