سنڌو تهذيب گهڻي اوائلي ۽ قديم آهي، سنڌ جا ماڻھون اڄ به تمام گهڻا مهمان نواز آھن: ڪوريا جو سفير
ڏوڪري (رپورٽر) ڪوريا جو سفير مسٽر پارڪ ڪِجن سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو.ان موقعي تي هن اسٽوپا گريٽ باٿ ميوزيم سميت ٻين تهذيبي آثارن کي دلچسپي سان گهمي ڏٺو.ان موقعي تي موهن جو دڙو جو مقرر ڪيوريٽر احسان عباسي پرڏيهي مهمان کي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪوريا جو سفير مسٽر پارڪ ڪِجن جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو جو اسٽوپاز جي نشانن مان ثابت ٿئي ٿو تہ گوتم ٻڌ جي پوڄا ڪندڙ ماڻهو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود هئا.جتان هنن جي قديم نشانيون اسٽوپاز جي صورت ۾ ملن ٿيون. هن چيو تہ سنڌو تهذيب گهڻي اوائلي ۽ قديم آهي.هن چيو ته سنڌ جا ماڻھون تمام مهمان نواز آھن.هن چيو ته مان تمام موهن جو دڙو انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن اسان کي هتي اچي ڪري وڏو پيار ۽ محبتون ڏنيون آھن.ڪوريا جو سفير پاڪستان زنده آباد جا نعرا به لڳائيندو رهيو.هوڏانهن ڪوريا جي سفير جي سيڪيورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے