عمرڪوٽ ۾ شو مندر تي لڳندڙ ٻن ڏينهن وارو ميلو 26 فيبروري کان کان شروع ٿيندو

ميلي جي انتظامن ، سڪيورٽي پلان جي حوالي سان شو مندر ميلا ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ ۾ شو مندر تي لڳندڙ ٻن ڏينهن وارو ميلو 26 فيبروري کان کان شروع ٿيندو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) شو مندر عمرڪوٽ تي لڳندڙ ٻن ڏينهن جو ميلو 26 فيبروري کان 27 فيبروري 2025 تائين جاري رهندو، ميلي جي انتظامن ، سڪيورٽي پلان جي حوالي سان شو مندر ميلا ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي زير صدارت ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جي درٻار هال ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته شو مندر ميلو عمرڪوٽ جو سڀ کان وڏو ميلو آهي جنهن ۾ مختلف علائقن کان هندو ڪميونٽي جا زائرين ۽ منتظمين هن ميلي ۾ شرڪت جي لاءِ اچن ٿا تنھنڪري ميلي جي مڪمل فل پروف سيڪورٽي جا انتظام ڪيا وڃن، ان موقعي تي هن انتظامن جي حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو کي هدايت ڪئي ته هو ۽ ميلي جي انتظاميا فوري طور تي ڪيل انتظامن جو جائيزو وٺن ۽ هن ۾ ڪنهن به قسم جي گنجائيش نه ڇڏين ، جڏهن ته ڊي ايس پي عمرڪوٽ سڪيورٽي جي حوالي سان ان جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته شو مندر تي لڳندڙ ميلي واري جگهن جو جائيزو وٺي رپورٽ ڏين ۽ ميلي ۾ سي سي ٽي وي ڪميرائون مختلف جائين تي لڳائيون وڃن ته جئين مشڪوڪ ماڻهن تي سخت نظر رکي سگهجي، هن چيو ته ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين جي داخلا تلاشي ۽ واڪ ٿرو گيٽ کان ٿيندي ۽ انهيءِ سلسلي ۾ ميلا ڪميٽي پوليس کان مڪمل تعاون ڪري ۽ داخلي رستن تي ڪا به دوڪان لڳائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ ميلا ڪميٽي کي اها به هدايت ڪئي ته ميلي ۾ لڳندڙ دوڪانن جي مالڪن ۽ رضاڪارن جي مڪمل لسٽ پوليس جي حوالي ڪئي وڃي ۽ پارڪنگ ميلي جي جگهه کان اڍائي سئو فٽ پري رکي وڃي، ان موقعي تي ھن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عمرڪوٽ جي عملدارن ۽ مونسپل ڪميٽي جي سي ايم او سيد ساجد شاھ کي هدايت ڪئي ته ميلي ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ لائيٽگ ۽ صفائي سٿرائي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن، اجلاس ۾ موجود حيسڪو جي ايس ڊي او عمرڪوٽ کي هدايت ڪئي ته شو ميلي جي دوران بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي کي هدايت ڪئي ته ميلي جي لاءِ هڪ موبائل ميڊيڪل ٽيم جوڙي وڃي ۽ سول اسپتال ۾ ميلي جي دوران ٻن ڏينهن تائين هڪ ايمرجنسي وارڊ قائم ڪيو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود ڊي آئي بي انچارج عمرڪوٽ غلام مصطفي گجو بريفنگ ڏيندي چيو ته شو ميلو جي دوران سڀني منتظمين ۽ زائرين جي سيڪيورٽي جي لاء 350 پوليس اهلڪار پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، ھن چيو ته خاص طور تي ٽريفڪ جو مڪمل پلان جوڙيو وڃي ۽ سيڪورٽي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ سڀني جي سنيپ چيڪنگ پڻ ڪئي ويندي، ان موقعي تي شو ميلا ڪميٽي جي ميمبرن پاران انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي پڻ يقين ڌياني ڪرائي وئي، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، سي ايم او عمرڪوٽ سيد ساجد شاھ، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، اطلاعات کاتي جي عملدارن، شو ميلا ڪميٽي جي ميمبرن ليکراج مل مالهي، پرشوتم لوهاڻو ، دليپ لوهاڻو، سروپ چند، ڪمار ٽلواڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.