ڪراچي: نور محمد ڳوٺ تي ڪاھ. شيلنگ. فائرنگ. علائقو ميدان جنگ. ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي

علي ڳڙھ سوسائٽي جي بلڊر جي چوڻ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس ليڊيز سميت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء پھچي وئي

ڪراچي: نور محمد ڳوٺ تي ڪاھ. شيلنگ. فائرنگ. علائقو ميدان جنگ. ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي

ڪراچي(اعجاز چانڊيو)ڪراچي اسڪيم 33 سھراب ڳوٺ جي علائقي نور محمد ڳوٺ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر علي ڳڙھ سوسائٽي جي بلڊر جي چوڻ تي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس. روينيو ڊيپارٽمينٽ. ڪي اليڪٽرڪ. سوئي سدرن گيس. واٽر بورڊ انتظاميه ۽ اوڀر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اسٽنٽ ڪمشنر انور پنھور. ايس ايڇ او انڪروچمينٽ احمد علي. ايس پي سھراب ڳوٺ شوڪت شاھاڻي. ايس ايڇ او سائيٽ سپر ھاء وي خالد عباسي وڏي نفري ساڻ ڪري نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء پھچي ويا. جڏھن ته ليڊيز پوليس پڻ موجود ھئي. ڳوٺاڻان پوليس آڏو سينو تاڻي بيھي رھيا ڪنھن به ريت ڳوٺ کي ڊاھڻ نه ڏينداسين. مرسون مرسون ڳوٺ نه ڏيسون جھڙا نعره ھنيا. ڳوٺاڻن جي سخت مزاحمت تي پوليس واٽر ڪين ۽ آنسوگيس جو استعمال ڪيو جڏھن ته فائرنگ ڪري ڏھڪاء پکيڙي ڇڏيو. آنسوگيس لڳڻ ڪري ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ زليخان خاتون. مومل ۽ فتح محمد زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ صبح کان وٺي ڇڪتاڻ ھلندي رھي. ان موقعي تي سوين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪري ڪھاڙا چونڪ تي ڌرڻو ھنيو. جنھن جي اڳواڻي پيپلزپارٽي جو مقامي اڳواڻ نور خان برفت. علي برفت. ديدار چانڊيو. غلام شبير. سرفراز ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نور خان برفت چيو ته نور محمد ڳوٺ جو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي ھن ڪيس جي ٻڌڻي ٻه رڪني بينچ ڪري رھي آھي. خبر ناھي ته پوليس وارا بار بار ڳوٺ تي چڙھائي ڇوٿا ڪن. انتظاميه ۽ پوليس بلڊر جي ونگار وھندي سنڌي آبادي کي ڊاھڻ چاھين ٿيون. ھن الزام ھڻندي چيو ته ميئر ڪراچي مرتضي وھاب سنڌي آبادين جو دشمن آھي جنھن جي چرچ تي بار بار بلڊر مافيا ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ چاھي ٿي. پ پ پ قيادت کي اھا پڻ ڄاڻ آھي پر ھو اڃان تائين خاموش آھي. ھتي پنج ھزار گھر آھن جيڪي پيپلزپارٽي جا ووٽر آھن. اسان پنھنجي جانين جا نذرانه ڏئي سگھون ٿا پرپنھنجا اجھا ڊاھڻ ڪنھن به ريت نه ڏينداسين. ٻي پاسي انتظاميه جو چوڻ ھو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم نامي تي اسان ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاء پھتا آھيون مڇريل ماڻھن پوليس اھلڪارن تي پٿراء ڪيو ۽ گاڏين کي نقصان پھچايو آھي