English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي انجنيئر خلاف احتجاج
views
|
18th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري وفد کي موڪلڻ بعد پاڻ به احتجاجي ڪيمپ تي پهتو
نوشهرو فيروز (ڊر) اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ڪرپشن ۾ ملوث انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري جي ڪرپشن خلاف احتجاج، احتجاجي ڪيمپ تي انجنيئر پهچي ويو ڳالهين بعد احتجاج ختم. خبر موجب اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين ڊويزن نوشهرو فيروز جي ملازمن طرفان مقرر ٿيل ڪرپٽ انجنيئر اسڪارپ جاويد آفتاب ٽانوري خلاف احتجاج جاري رهيو احتجاج جي اڳواڻي اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو صدر ساگر يوسف منگي، جنرل سيڪريٽري وقار احمد لاڙڪ، فيڊريشن جي سرپرست اعلا حاجي شعيب احمد بلر، آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن جي محمد يعقوب وڳڻ، محمد خان مشوري، محبتي ملاح، قاضي اعجاز ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نوشهرو فيروز ۾ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهه ۽ نيب زده انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري کي هر دفعي بجيٽ هڙپ ڪرائڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، سندس اچڻ شرط اسڪارپ ڪالوني جي لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ڪڍرائڻ لاءِ ڪوڙا ووچر ٺهرائي آيل بجيٽ ڪڍي رهيو آھي پمپ اسٽيشنن جي لاءِ آيل 8 ڪروڙ پڻ ڪوڙا ووچر ٺهرايا آھن بدقسمتي اها آھي جو جڏهن به اسڪارپ جي بجيٽ ايندي آھي ته جاويد آفتاب ٽانوري انجنيئر بدلي ڪرائي پمپ اسٽيشنن لاءِ آيل بجيٽ جو صفايو ڪري ڇڏي ٿو، اسڪارپ جي رهائشي ڪالوني جا ڪوارٽر زبون ٿي ويا آھن انھن جي مرمت لاءِ آيل پئسا به ڳڙڪائي ٿو وڃي ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ به ڪو پلانٽ ناهي رڳو ڪوڙن ووچرن ۾ بل ٺاهي بجيٽ جي صفائي ٿي رهي آھي. ٻئي طرف ايمپلائيز يونين جي احتجاجي ڪيمپ تي انجنيئر جي طرفان ڳالهين جي لاءِ ايس ڊي او احمد خان ڪاڪيپوٽو، ايس ڊي او مخدوم اياز علي ۽ هيڊ ڪلارڪ فيض محمد عالماڻي پهتا انهن کي يونين اڳواڻن اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته اسان انجنيئر خلاف احتجاج ڪري رهيا آھيون ان لاءِ اوهان سان ڳالهيون نه ٿينديو ان بعد وفد واپس ويو ٻيهر انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوي پنهنجا آفيسر ساڻ ڪري احتجاجي ڪيمپ تي پهتو کين احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اوهان جا مطالبا جائز آھي ڊويزن جي بجيٽ ڊويزن تي خرچ ٿيندي خراب ٿيل ٽيوبيلز ۽ پمپ اسٽيشنن کي فعال ڪبو، هڪ گهر جا ڀاتي آھيو غلطيون انسان کان ئي ٿينديو آھن ان ڪري يونين طرفان پيش ڪيل تسليم ڪيان ٿو ان بعد يونين اڳواڻ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري
نوشهروفيروز
0 تبصرے