ٽائون ميونسپل منگھوپير جي چيئرمين نواز بروهي جي مختلف وفدن سان ملاقات

اوهان جنهن محنت ۽ لگن سان ڪراچي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جي خدمت ڪئي آهي: نواز علي بروهي

ٽائون ميونسپل منگھوپير جي چيئرمين نواز بروهي جي مختلف وفدن سان ملاقات

ڪراچي(پ ر)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي جي مختلف دوري تي آيل وفدن سان ملاقات. جنهن ۾ ضلعي ويسٽ انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر ڪاڇيلو، يو سي ون چيئرمين سليم بروهي، ڪائونسلر جاويد بروهي، سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جا آفيسر، ايم ڪيو ايم اليڪٽرڪ ۽ ٽائون آفيسر ۽ عملو پڻ موجود هئا. ان موقعي تي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي انهن سمورن کاتن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اوهان جنهن محنت ۽ لگن سان ڪراچي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جي خدمت ڪئي آهي ان جو اجر اوهان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ملندو، انشاءَ الله اوهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو هن نيڪ ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. اجلاس جي ٽن ڏينهن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ جا شڪر گذار آهيون. هن سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون جنهن طريقي سان اوهان ۽ اوهان جي ٽيم ڏينهن رات اسان جو ساٿ ڏنو. مان پنهنجي ڳوٺ جو آفيسر ۽ اسٽاف آهيان خاص ڪري ايم اين اي کاتو جيڪو ڪنهن وقت شب برات، قبرستانن ۽ مجلسن ۾ روشنين جي ڪمن ۾ ڏينهن رات مصروف هوندو هو، ٻيو صفائي سٿرائي وارو کاتو، جنهن ڏينهن رات پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ الله جي راهه ۾ ايندڙن جي خدمت ۾ ڪا به گهٽتائي نه اچڻ ڏني.