نامياري اديب عبدالواحد سومرو جي 58 ھين سالگرھ، ناول “ نوٽري پبلڪ ” جي مھورت

مرڪ پبليڪيشن پاران مھورتي تقريب ۾ مرتضيٰ لغاري، رکيل مورائي، سارنگ زين چانڊيو، جاويد شيخ، نصير سومرو ۽ ٻيا شريڪ

نامياري اديب عبدالواحد سومرو جي 58 ھين سالگرھ، ناول “ نوٽري پبلڪ ” جي مھورت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌي ٻولي جي نامياري اديب عبدالواحد سومرو جي 58 ھين سالگرھ ۽ سندس لکيل ناول “ نوٽري پبلڪ ” جي مھورتي تقريب مرڪ پبليڪيشن پاران مرتضيٰ لغاري جي ميزباني ھيٺ منعقد ٿي. جنھن ۾محقق اديب شاعر رکيل مورائي، سارنگ زين چانڊيو، ليکڪ اديب ڊاڪٽر جاويد شيخ، نصير سومرو، وحيد محسن، ساٿي محمد صالح ڪاتيار، سليم انور عباسي، عابد قاضي، پيار علي لغاري ، سعيد احمد لغاري ، سينيئر صحافي اديب عبدالوحيد سمون ۽ ٻين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي ليکڪ عبدالواحد سومرو جي شخصيت ۽ فن فڪر تي تفصيلي روشني وڌي.ان موقعي تي مقررن چيو تھ اڄوڪي درو ۾ نوجوان نسل پنھنجي حاصلات لاءِ لکي ٿو، نجي محفلن ۽ ڪچھرين ۾ ادب ۽ ڪتاب تي ڳالھائڻ بجاءِ غير ضروري بحث مباحثا ۽ ذاتي مفادن جون ڳالھيون ڪن ٿا، اھا صورتحال مايوس ڪندڙ آھي، خبر ناھي تھ ادب ۽ ٻولي ڏانھن اتساھھ وارو رويو ڪاڏي ھليو ويو. اھڙي دور ۾عبدالواحد سومرو جو ادبي سفر ڪنھن پناھھ، حاصلات ۽ لوڀ لالچ کانسواءِ جاري و ساري آھي، ادب ۾ ھن جون خدمتون ساراھھ لائق آھن. مقررن جو چوڻ ھو تھ واحد سومري پنھنجي وت وس آھر پنھنجي حصو جو ڪم ڪيو آھي ھو ھڪ منفرد ليکڪ آھي، جنھن ھڪ ئي وقت فڪشن رائٽر طور ڪھاڻيون ، ناول ۽ ٻاراڻو ادب سرجي رھيو آھي، تھ اتي شخصيتن تي تاثر، ڪتابن تي ليک لکڻ سميت نثر نگاري ۾ بھ پاڻ ملھايو آھي، واحد جي لکڻين ۾ عالمي ادب جي لمس محسوس ٿئي ٿي. مقررن موجب واحد سومرو گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ آھي، ھن جي زندگي جا مختلف پاسا آھن ۽ ڪھاڻين ۾ پڻ جدا جدا موضوع ملن ٿا. ھو ھڪ جفاڪش پاڙھو اديب آھي جيڪو سرڪاري نوڪري سان گڏوگڏ علمي ادبي محاظ تي پڻ متحرڪ نظر اچي ٿو، ھن جون ڪھاڻيون حقيقي پسمنظر ۾ملن ٿيون، ھن پنھنجي ڪھاڻين ۾ زندگي جي مختلف ڪردارن ۽ رخن کي ويجھي کان ڏسندي محسوس ڪندي قلم بند ڪيو آھي، ھو پنھنجي لکڻين ۾ سماج جا عڪس اولڙا چٽيندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو. واحد سومري جو پھريون ڪتاب “ ڌرتي جو پٽ ” مسنگ پرسنز جي پسمنظر ۾ لکيل آھي، تازو شايع ٿيل ناول “ نوٽري پبلڪ ” ، مس ڪال” ،“ اڌ چھرو ” ، “ ايلسا” ناوليٽ پڙھڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو تھ واحد سومري جي ڏات ڏھوڻي آھي. ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب “ آزادي زندھ باد” پڙھندي مزو اچي ٿو ، نئين نسل کي واحد جي ڪتابن مان ادبي خوراڪ ملي ٿي. مقررن چيو تھ پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ لکڻ فخر جوڳي ڳالھھ آھي، واحد پنھنجي ھڙان وڙان ڏئي ڪري ڪتاب ڇپائي ٿو ۽ موٽ ۾ڪو صلو وٺڻ جي سَڌ نھ ٿو رکي. اميد آھي تھ ھو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھميشھ لکندو رھندو. آخر ۾ليکڪ سڀني آيل مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو تھ سنڌي ٻولي جو قرض لاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان، نوڪري کي ھڪ پاسي تي ڪري لکڻ ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندي اتساھھ ملي ٿو، ھيل تائين جيڪو ڪجھھ بھ لکيو اھو ڪھاڻين جي شڪل ۾ ھجي يا ناول ھجي، ڪتابن ۽ شخصيتن تي تاثر ھجي ، پڙھندڙن ھميشھ مان ڏنو آھي. واحد سومري چيو تھ لکڻ جو مقصد پنھنجي ليکڪن ۽ شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آھي، اڄوڪي تقريب ۾ شرڪت ڪري مان ڏيندڙ سمورن ڏات ڌڻين جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. پنھنجن ھيروز ۽ وڏن ماڻھن کي پنھنجي زندگيءَ ۾خراج تحسين پيش ڪرڻ جي روايت خوش آئند آھي. ان کان پھريان سمورن شرڪت ڪندڙن ليکڪ عبدالواحد سومري جي سالگرھھ جو ڪيڪ ڪاٽيو، ناول “ نوٽري پبلڪ جي مھورت پڻ ڪئي وئي. جڏھن تھ تازو فوت ٿيل نامياري اديب آڪاش انصاري، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ ڊاڪٽر پرويز پيرزادي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظھار ڪندي مرحومين جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گھري وئي ۽ پونئرن سان تعزيت جو اظھار ڪيو ويو.