English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ اداڪارا زيبا بلوچ جو مڙس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاھرو
176 views
|
17th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
اداڪارا زيبا بلوچ پنھنجي مڙس منور جوڻيجو جي ظلمن خلاف پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو
ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ اداڪارا جو مڙس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاھرو، دانھون، انصاف نھ ملڻ جي صورت ۾ انتھائي قدم کڻڻ جو چتاءُ، ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران اداڪار زيبا بلوچ پنھنجي مڙس منور جوڻيجو جي ظلمن خلاف اکين ۾ لڙڪ لاڙيندي صحافين آڏو دانھيندي چيو آھي تھ ٻھ سال اڳ جوھر چورنگي تي مارڪيٽ ۾ پروڊڪشن ھائوس تي حملو ٿيو ھو، جنھن ۾ مان ۽ منھنجو مڙس منور جوڻيجو زخمي ٿيو ھو، جنھن بعد حملو ڪندڙن اسان تي ڪيس داخل ڪرايو ھو، اسان فريادي ھجڻ باوجود ڏوھاري بڻايا وياسين، انھيءَ ڪيس ۾ مون پنھنجي مڙس منور جوڻيجو ۽ پنھنجي ضمانت ڪرائي، پر ھاڻ مڙس مون تي لڳاتار ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي رھيو آھي، جيڪو سلسلو ھاڻي ڪٿي بھ نٿو رڪجي پيو، مڙس پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي ڪمري ۾ بند ڪري منھنجي نوجوان ڌيءَ 16 سالن جي تطھير فاطمھ، 12 سالن جو ڪاظم رضا ۽ ٻين ٻارن کي زبردستي کڻي ويا، ۽ موت مار ڌمڪيون ڏنيون آھن، شوبز انڊسٽري توڙي ميڊيا انڊسٽري ۾ ڪم ناھي، جنھن ڪري اڪثر ڪري بيروزگاري کي پڻ منھن ڏيندي رھان ٿي، ھن چيو تھ جيڪي ٻار خانگي اسڪول ۾ پڙھندا ھئا، اڄ انھن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي، جنھن جو ذميوار منور پاڻ آھي جيڪو پڻ خانگي اسڪول ۾ ماستر آھي، پر پنھنجي ٻارن کي پڙھائڻ نٿو چاھي، ڪجھھ ڏينھن اڳ مون کي مارڪٽ ڪري گھران سامان ڪڍي اڇلائي ڏنو، جنھن بعد مون ٻئي ھنڌ ڪرائي جو گھر ورتو آھي تھ اتي بھ ھاڻي مسلسل ھراسان ڪري رھيو آھي، ڌمڪائي رھيو آھي، منھنجي ڌيءَ تطھير فاطمھ کي کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي باري ۾ مون کي ڪجھھ بھ نٿو ٻڌايو وڃي تھ اھا ڪھڙي حال ۾ آھي، مان پنھنجي مڙس جي ظلمن کان بيزار ٿي چڪي آھيان، خدارا قانوني ڪاروائي ڪري مون کي مڙس جي ظلمن کان تحفظ ڏياري انصاف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ مان انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿينديس.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
اداڪارا زيبا
0 تبصرے