ٺٽو: ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيده حميره جي صدارت ھيٺ ضلعي ووٽر آگاهي سرگرمي منعقد

جهموري نظام ۾ هر شهري کي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي: ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيده حميره

ٺٽو: ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيده حميره جي صدارت ھيٺ ضلعي ووٽر آگاهي سرگرمي منعقد

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ جي صدارت ھيٺ آگر محلا ٺٽو شهر ۾ خواجہ سرائن جي رهائشگاهه تي ضلعي ووٽر آگاهي سرگرمي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي سينئر اسسٽنٽ ۽ فوڪل پرسن ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي ٺٽو نعمان احمد عيساڻي، اليڪشن ڪميشن جي عملدارن، ۽ شهر جي خواجہ سرائن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيده حميره بنت معاذ خواجہ سرائن کي ووٽ جي اهميت ۽ افاديت بابت آگاهي ڏيندي چيو ته جهموري نظام ۾ هر شهري کي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ ماڻهو پنهنجي ووٽ سان مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ووٽ جي طاقت عوام کي هڪ مخلص قيادت چونڊڻ جو حق ڏئي ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي ووٽ ذريعي ملڪ کي بهترين قيادت فراهم ڪري هڪ روشن مستقبل ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته خواجہ سرا بہ پاڪستان جا شهري آهن کين اهي سموران بنيادي حق حاصل آهن جيڪي عام شهرين کي مليل آهن. هن چيو ته خواجہ سرا به قابل احترام شهري آهن، انهن جي حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي جڏھن تہ سندن ووٽ جي به پنهنجي ھڪ حيثيت آهي. هن چيو ته خواجہ سرا به پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندي پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا.