شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ سان ملاقات

اعجاز ڪاڪيپوٽو جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا مان پاڻ ھن معاملي کي پرسنل ڏسان پيو: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ

شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ سان ملاقات

شڪارپو ( احسان ابڙو)شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد پاران ايس ايس پي آفيس پھچي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ سان سٿ جي ساٿي اعجاز ڪاڪيپوٽو جي بيرحماڻہ قتل واقعي خلاف قاتل جوابدارن جي گرفتاري لاء ۽ شھر ۾ بدامني خلاف ملاقات ڪئي وئي چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري پاران ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي مقتول اعجاز ڪاڪيپوٽو جي قاتل جوابدارن جي گرفتاري بابت پوليس طرفان ڪا اڳڀرائي بابت معلومات وٺڻ جوابدارن جي جلد گرفتاري عمل ۾ آڻڻ سميت شھر ۾ وڌندڙ بدامني بابت تفصيلن کان آگاھ ڪيو ويو ، اسنيپ چيڪنگ ۽ پوليس پيٽرولنگ تي ڌيان توڙي ٽريفڪ سسٽم ۾ بھتري بابت ياداشنامو پيش ڪيو ويو ته ساڳي وقت ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف پوليس ڪارواين جي ساراھ پڻ ڪئي وئي ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ جماعت اسلامي پاران ايس ايس پي آفيس آڏو بدامني خلاف احتجاجي ڌرڻي سبب 150 شھرين خلاف نيو فوجداري ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جي گھر پڻ ڪئي وئي ، ايس ايس پي شڪارپور شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد سان ڳالھائيندي چيو ته مقتول اعجاز ڪاڪيپوٽو جا قاتل جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا مان پاڻ ھن معاملي کي پرسنل ڏسان پيو ، ھن وڌيڪ چيو ته اعجاز جي خون سان ۽ سندس اولاد سان انصاف ڪيو ويندو جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو ، شھر ۾ بدامني بابت ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ ھيو ته مان ھن وقت پاڻ پنھنجي جوانن سان گڏجي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف ڪاروائيءَ ۾ گھڻو مصروف آھيان اوھان کي انشاءالله ڏوھارين ڪچو صاف ڪري ڏيندس اوھان کي ھتي ئي رھڻو آھي ھن جنگ ۾ شھري منھنجو ساٿ ڏين ھن وڌيڪ چيو ته شھر سميت سڄي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بھتري آڻي رھيا آھيون جنھن تحت ڪوتاھي ڪندڙ پوليس عملدارن کي سزائون ڏنيو پيون وڃن ته جيئين بھتري آڻي سگھون جڏھن ته ھن پاران شھر ۾ وڌيڪ امن امان جي بھتري جو يقين ڏياريو ويو ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي ھدايتون جاري ڪيون ويون ، ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ پاران ڪجھ ڏينھن اڳ جماعت اسلامي شڪارپور پاران ڌرڻي سبب 150 شھرين مٿان نيو فوجداري ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ، شڪاريو بچايو تحريڪ جي وفد پاران ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي ھر بھتر قدم تي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو ويو ، جڏھن ته ايس ايس پي شڪارپور کي وفد پاران 20 فيبروريءَ تي شھيد ساٿي اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو جي ياد ۾ پريس ڪلب شڪارپور ۾ ٿيندڙ تعزيتي ميڙاڪي جو دعوتنامو پڻ ڏنو ويو انھي موقعي تي شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد ۾ چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري ، وائيس چيئرمين مولانا مشتاق احمد سھندڙو ، جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل ، فنانس سيڪريٽري ڏاڏو طاھر سومرو ، پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو ، آ فيس سيڪريٽري عبدالغفور دايو ، اڳوڻو چيئرمين قاري مجيب الرحمان ، اڳوڻو چيئرمين الاھي بخش شيخ ، اڳوڻو چيئرمين استاد عبدالوھاب ڪاغذي ، اڳوڻو وائيس چيئرمين علي احمد ٻرڙو ، صاحبزاده حافظ فضل الله نوراني ، حاجي عبدالفتاح مھر سميت پيرا ميڊيڪل اڳواڻن بشير احمد لاشاري ، نوشاد احمد ڀٽو ، جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ اسداللہ سومرو ، شھيد ڀٽو شڪارپور جو اڳواڻ سعيد احمد سومرو ، شھيد اعجاز ڪاڪيپوٽو جي وارثن وڏو فرزند اياز ڪاڪيپوٽو ، نياڻي ( ن ، ڪاڪيپوٽو ) پاران شرڪت ڪئي وئي