English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد جي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ سان ملاقات
213 views
|
17th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
اعجاز ڪاڪيپوٽو جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا مان پاڻ ھن معاملي کي پرسنل ڏسان پيو: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپو ( احسان ابڙو)شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد پاران ايس ايس پي آفيس پھچي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ سان سٿ جي ساٿي اعجاز ڪاڪيپوٽو جي بيرحماڻہ قتل واقعي خلاف قاتل جوابدارن جي گرفتاري لاء ۽ شھر ۾ بدامني خلاف ملاقات ڪئي وئي چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري پاران ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي مقتول اعجاز ڪاڪيپوٽو جي قاتل جوابدارن جي گرفتاري بابت پوليس طرفان ڪا اڳڀرائي بابت معلومات وٺڻ جوابدارن جي جلد گرفتاري عمل ۾ آڻڻ سميت شھر ۾ وڌندڙ بدامني بابت تفصيلن کان آگاھ ڪيو ويو ، اسنيپ چيڪنگ ۽ پوليس پيٽرولنگ تي ڌيان توڙي ٽريفڪ سسٽم ۾ بھتري بابت ياداشنامو پيش ڪيو ويو ته ساڳي وقت ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف پوليس ڪارواين جي ساراھ پڻ ڪئي وئي ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ جماعت اسلامي پاران ايس ايس پي آفيس آڏو بدامني خلاف احتجاجي ڌرڻي سبب 150 شھرين خلاف نيو فوجداري ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جي گھر پڻ ڪئي وئي ، ايس ايس پي شڪارپور شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد سان ڳالھائيندي چيو ته مقتول اعجاز ڪاڪيپوٽو جا قاتل جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا مان پاڻ ھن معاملي کي پرسنل ڏسان پيو ، ھن وڌيڪ چيو ته اعجاز جي خون سان ۽ سندس اولاد سان انصاف ڪيو ويندو جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو ، شھر ۾ بدامني بابت ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ ھيو ته مان ھن وقت پاڻ پنھنجي جوانن سان گڏجي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف ڪاروائيءَ ۾ گھڻو مصروف آھيان اوھان کي انشاءالله ڏوھارين ڪچو صاف ڪري ڏيندس اوھان کي ھتي ئي رھڻو آھي ھن جنگ ۾ شھري منھنجو ساٿ ڏين ھن وڌيڪ چيو ته شھر سميت سڄي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بھتري آڻي رھيا آھيون جنھن تحت ڪوتاھي ڪندڙ پوليس عملدارن کي سزائون ڏنيو پيون وڃن ته جيئين بھتري آڻي سگھون جڏھن ته ھن پاران شھر ۾ وڌيڪ امن امان جي بھتري جو يقين ڏياريو ويو ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي ھدايتون جاري ڪيون ويون ، ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ پاران ڪجھ ڏينھن اڳ جماعت اسلامي شڪارپور پاران ڌرڻي سبب 150 شھرين مٿان نيو فوجداري ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ، شڪاريو بچايو تحريڪ جي وفد پاران ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي ھر بھتر قدم تي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو ويو ، جڏھن ته ايس ايس پي شڪارپور کي وفد پاران 20 فيبروريءَ تي شھيد ساٿي اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو جي ياد ۾ پريس ڪلب شڪارپور ۾ ٿيندڙ تعزيتي ميڙاڪي جو دعوتنامو پڻ ڏنو ويو انھي موقعي تي شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد ۾ چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري ، وائيس چيئرمين مولانا مشتاق احمد سھندڙو ، جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل ، فنانس سيڪريٽري ڏاڏو طاھر سومرو ، پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو ، آ فيس سيڪريٽري عبدالغفور دايو ، اڳوڻو چيئرمين قاري مجيب الرحمان ، اڳوڻو چيئرمين الاھي بخش شيخ ، اڳوڻو چيئرمين استاد عبدالوھاب ڪاغذي ، اڳوڻو وائيس چيئرمين علي احمد ٻرڙو ، صاحبزاده حافظ فضل الله نوراني ، حاجي عبدالفتاح مھر سميت پيرا ميڊيڪل اڳواڻن بشير احمد لاشاري ، نوشاد احمد ڀٽو ، جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ اسداللہ سومرو ، شھيد ڀٽو شڪارپور جو اڳواڻ سعيد احمد سومرو ، شھيد اعجاز ڪاڪيپوٽو جي وارثن وڏو فرزند اياز ڪاڪيپوٽو ، نياڻي ( ن ، ڪاڪيپوٽو ) پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپور بچايو تحريڪ
0 تبصرے