سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت

ڳوٺ مانجهاڪر ۾ ٽيجهي ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، ذوالفقار علي شاهه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا شريڪ

سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) اڳوڻي صوبائي وزير و ايم پي اي ڪنري نواب تيمور ٽالپر جي والد مرحوم پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جي ٽيجھي جي رسم سندس ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ٿي گذري، ان موقعي تي ٽيھجي جي رسم ۾ صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاھ، صوبائي وزير ثقافت و سياحت سيد ذوالفقار علي شاھ، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي وزير سوشل ويلفيئر مير طارق ٽالپر، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي، پارليامينٽ سيڪريٽري و ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ایم پي راڻا همير سنگهه سوڍو، وفاقي وزير فھد ھارون، ايم اين اي نويد قمر، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، سميت سنڌ جي اھم شخصيتن شرڪت ڪري سندس سوڳوار خاندان پٽ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ضلعي ڪائونسل ميمبر يونس ٽالپر ۽ پوٽي نوابزادہ شھمير خان ٽالپر سان عذرخواهي ڪئي وئي، ان موقعي تي نواب محمد يوسف ٽالپر جي مغفرت لاءِ قرآن خواني ڪرائي ويئي ۽ ايثال ثواب و مغفرت جي لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪرائي ويئي، ان موقعي تي صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواب محمد يوسف ٽالپر سينيئر پارليامينٽرين ۽ سياسي طور تي تمام وڏو نالو ھو، نواب يوسف ٽالپر شفيق انسان ھيو، ھن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جڏھن بہ ڪا فيصلو ڪندي ھوندي تہ ان جي راءِ شامل ھوندي ھئي، نواب يوسف ٽالپر جو نالو تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت و سياحت سيد ذوالفقار علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي وفات کانپوءِ پاڪستان جي سياست ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آھي، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر ھميشه اسيمبليءَ ۾ غريب توڙي مظلوم طبقي جي ماڻهن جو آواز اٿاريو ۽ ھن پاڻي جي مسئلي تي سنڌ لاءِ اعلي ايوان ۾ جدوجهد ڪئي ۽ ھميشه سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪئي، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر جي شخصيت تمام وڏي ھئي جنھن جي تعزيت جي لاءِ پوري پاڪستان مان پيپلزپارٽي توڙي مخالف ڌر جا ماڻهو عمرڪوٽ آيا آھن، ھن چيو ته اسان کي اميد آھي ته نواب يوسف ٽالپر جا فرزند سندس نقش قدم تي ھلندا ۽ عوام جي خدمت ڪندا رھندا، ھن چيو ته نواب يوسف ٽالپر ۾ ھڪ تمام وڏي خاصيت ھئي تہ ھو پنھنجي علائقي جي ماڻهن توڙي عام ماڻهو جو فون فوري طور کڻندا هئا ۽ مسئلو حل ڪرائيندا ھئا، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي مھيش ڪمار ملاڻي، ايم پي اي امداد پتافي، ايم اين اي شازيه رحماني، صوبائي صلاحڪار جاويد ناياب لغاري، ايم پي اي پير محمد صالح شاھ جيلاني، ايم پي اي محمد يوسف مرتضي بلوچ، ايم پي اي ڪشمور عبدالرؤف کوسو، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايم پي اي پير مجيب الرحمان، ايم پي اي پارس ڏيرو، ايم پي اي امداد ڀرڳڙي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عزيز احمد ميمڻ، پ پ ضلعي صدر عمرڪوٽ ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، مخدوم محسن، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي، چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چئرمين ميان خالد ولھاري، سياسي اڳواڻ سيد سڪندر علي شاھ، پ پ جنرل سيڪريٽريءَ عمرڪوٽ صوفي نواز سومرو، پ پ انفارميشن سيڪريٽري عمرڪوٽ برھان الدين ڪنڀر،پ پ اڳواڻ مدن لال ساماڻي ،ايڊوڪيٽ نندلال مالهي،ڪانجي مل رکيسر، ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ضلعي ڪائونسل ميمبر شاهنواز جوڻيجو، ڪمار ٽلواڻي، دليپ ڪمار مولچنداڻي ۽ ٻين علائقي واسين، ميڊيا جي نمائندن توڙي معزز شھرين تڏي تي پهچي عذرخواهي ڪئي، جڏھن ته تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آھي.