ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مقابلي دوران ٽي ٽي پي سان تعلق رکندڙ خالد ۽ عادل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو: سي آءِ اي پوليس

ملير: سي آءِ اي  پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) سي آءِ اي جي ٽيم ملير سٽي ٽڌون نالي جي پل وٽ ڪارروائي دوران پابندي پيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻه دهشتگرد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد احمد شيخ موجب گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ خالد ۽ عادل جي نالن سان ٿي آھي، جيڪي پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکن ٿا. پوليس ٻڌايو ته مقابلي دوران دهشتگردن جي فائرنگ سان پوليس موبائل کي به گوليون لڳيون، پر ڪو به اهلڪار زخمي نه ٿيو پوليس دهشتگردن وٽان ٻه پسٽل ۽ هڪ موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي آھي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل دهشتگردن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.ايس ايس پي موجب گرفتار دهشتگردن کان وڌيڪ جاچ جاري آھي ۽ اميد آھي ته سندن نيٽ ورڪ بابت اهم انڪشاف ٿيندا.