حادثي ۾ 5 ورهين جو صيفل جوکيو ۽ شفيع محمد جوکيو فوت، نور بانو ۽ زرگل بانو زخمي ٿي پيون
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ افسوسناڪ واقعو درساڻو ڇنو ڀرسان شادي تان واپس ايندڙ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺاڻن کي نامعلوم گاڏي جو لنڪ روڊ تي ٽڪر معصوم نينگر سميت 2 فوت, 2 عورتون ڳڻتي جوڳي حالت۾ اسپتال منتقل ڀرپاسي سرڪاري اسپتال نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا تفصيل موجب ملير ۾ درساڻو ڇنو ڀرسان شادي تان واپس ايندڙ موٽر سائيڪل تي سوار ڳوٺاڻن کي نامعلوم گاڏي جو لنڪ روڊ تي ٽڪر هڻي ڪيرائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم نينگر سميت 2 فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 عورتون زخمي ٿي پيون جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو علائقي جي رهواسين جو چوڻ هو ته ڀرپاسي سرڪاري اسپتال نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا حادثي م فوت ٿيلن جو تعلق فلٽر پلانٽ جي آچار جوکيو ڳوٺ سان ٻڌايو وڃي ٿو فوتين جي سڃاڻپ صيفل جوکيو 5 سالن جو ۽ شفيع محمد جوکيو طور ڪئي وئي جڏهن ته زخمين ۾ نور بانو جوکيو۽ زر گل جوکيو شامل آهن حادثي جي اطلاع تي گھر ۾ ماتم مچي ويو وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي فيملي درساڻو جي ڪوٽيئرڙو مان شادي تقريب ۾ واپسي دوران حادثي جو شڪار ٿي وئي بروقت ريسڪيو نه ٿيڻ سبب جاني نقصان ٿيو آهي جڏهن پوليس موجب گاڏي جي تلاش ۾ آهيون زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي
0 تبصرے