پاڪستان ۾ قيد 22 ڀارتي مهاڻا خير سگالي جذبي تحت آزاد

ملير جيل سپريڊنٽ قيدين کي آزاد ڪري ايڌي جي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو

پاڪستان ۾ قيد 22 ڀارتي مهاڻا خير سگالي جذبي تحت آزاد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان ۾ قيد 22 ڀارتي مهاڻا خير سگالي جذبي تحت آزاد، ملير جيل سپريڊنٽ قيدين کي آزاد ڪري ايڌي جي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو جيڪي واگها بارڊر جي ذريعي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو، ازادي ماڻيندڙن ڀارتي مهاڻن طرفان پنهنجي حڪومت کي پاڪستاني مهاڻن کي به آزاد ڪرڻ جي اپيل، پاڪستاني اختيارن جا شڪر گذار آهيون جن انسانيت ناتي اسان کي آزاد ڪيو، مهاڻا، تفصيل موجب پاڪستان ۾ قيد 22 ڀارتي مهاڻن کي ڪالھ خير سگالي جذبي تحت ملير جيل مان آزاد ڪيو ويو ان حوالي سان ملير جيل سپريڊنٽ سيد ارشد علي شاھ قيدين بابو، رام، عبدالرحمان، ارجن، راجا، هيرا، گووين، راما، وجي، اشوڪ، سريش، منوج ڪمار، مهيش ۽ سڀاش سميت 22 ڄڻن کي آزاد ڪري ايڌي فائونڊيشن جي حوالي ڪيو جن کي واگها بارڊر وٽ ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو ان سلسي ۾ ازادي ماڻيندڙن ڀارتي مهاڻن پنهنجي حڪومت کي پاڪستاني مهاڻن کي به آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪندي وڌيڪ چيو ته 3 سال کان قيد ۾ هئاسين پاڪستاني اختيارن جا شڪر گذار آهيون جن انسانيت ناتي اسان کي آزاد ڪيو ۽ جيل ۾ سٺو سلوڪ ڪيو آزادي ماڻڻ تي خوش آهيون