عمرڪوٽ ۾ ڊي سي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي

سينٽرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپيڪس ڪميٽيءَ جي ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ بابت غور ويچار

عمرڪوٽ ۾ ڊي سي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ سينٽرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپيڪس ڪميٽيءَ جي ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ليفٽيننٽ ڪرنل بابر شھباز، ليفٽيننٽ حسن، حساس ادارن آئي بي، آئي ايس آئي، ايم آئي، سي ٽي ڊي، اي اين ايف، اي ٽي او ايڪسائيز آڪاش ڪمار، صوبيدار روشن، ڊپٽي ڪنٽرولر پاڪستان ڪسٽم ميرپورخاص، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران سمورن ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميمبرن کي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي ٿيل فيصلن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏيل طور تي ھڪ پليٽفارم تي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن اسين پنھنجي معاشري ۾ سڌارا آڻي سگھون، ھن چيو ته سمورا ميمبر پنھنجي ڏنل ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪن، ان موقعي تي ھن چيو ته حساس اداري سي ٽي ڊي جي پيش ڪيل رپورٽ مطابق ضلعي عمرڪوٽ ۾ جيڪي بہ غير قانوني پيٽرول پمپ ھلندڙ آھن انھن جي خلاف لاڳاپيل ادارا گڏيل طور تي قانوني ڪارروائي ڪري رپورٽ ڏين، ھن چيو ته وڏن روڊ رستن خاص طور تي نيشنل ھائي ويز توڙي پراونشل ھائي ويز تي سيڪيورٽي وڌائي وڃي تہ جيئين ڪنھن بہ غير قانوني سرگرمين تي نظر رکي سگھجي، ھن چيو ته نئين مدرسن جي رجسٽريشن جي لاءِ مدرسن جي حوالي سان جڙيل نئين قانون تي عملدرآمد جي لاءِ ھوم ڊپارٽمينٽ کي خط لکيو وڃي، ھن چيو ته جيڪي بہ غير قانوني حد دخليون ٿيل آهن ۽ اتي ڪا غير قانوني سرگرميون ٿين ٿيون ته فل فلور سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر گڏيل طور تي ڪاروائي عمل ۾ آڻين، ان موقعي تي ھن اي ٽي ايڪسائيز کي ھدايت ڪندي چيو ته جعلي نمبر پليٽ وارين گاڏين جي خلاف ڪاروائيءَ عمل ۾ آندي وڃي، ان موقعي تي ھن چيو ته رياست جي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪندڙن توڙي غلط ڄاڻ فھلائيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.