سينئر سياستدان، پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

جنازي نماز ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ، سردار شاهه ۽ ٻين جي شرڪت

سينئر سياستدان، پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سينيئر سياستدان پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جو مڙھ اباڻي ڳوٺ آندو ويو، سوين آلين اکين سان تدفين، وڏي وزير مراد علي شاھ سميت چونڊيل نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ماحول سوڳوار، سوڳ ۾ ڀرپاسي جا شھر بند. خبر موجب سينيئر سياستدان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ 4 مارچ جي ھيرو نواب محمد يوسف ٽالپر جو مڙھ ڪنري ويجھو سندس اباڻي ڳوٺ مانجھاڪر آندو ويو جتي نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پ پ جي سنڌ ڪابينه جي سينيئر صوبائي وزير اطلاعات کاتو شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير تعليم و معدنيات سيد سردار علي شاهه، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي صلاحڪار لالچند اڪراڻي، صوبائي وزير امداد پتافي، پارليامينٽ سيڪريٽري و ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي فرزندن ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ضلعي ڪائونسل ميمبر نواب يونس ٽالپر، ايم اين اي مھيش ڪمار ملاڻي، ايم اين اي شبير بجاراڻي، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، ايم اين اي خورشيد احمد شاھ، معاون خصوصي قاسم نويد، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، ايم پي اي سيد امير علي شاهه، سيڪريٽري اطلاعات کاتو نديم الرحمان ميمڻ، ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن فيصل احمد عقيلي، ڊي آئي جي ميرپورخاص ڊويزن محمد زبير دريشڪ، پير تاج حسين شاھ جيلاني، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اڳوڻو ايم پي اي حاجي علي مراد راڄڙ، چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد ولھاري، ضلعي ڪائونسل ميمبر سيد سرفراز علي شاهه، نواب زبير ٽالپر، نواب غني ٽالپر، نوابزاده شھمير خان ٽالپر، چئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪنري شڪيل باجوا، پ پ اڳواڻ مدن لال سوماڻي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، پ پ جي ڪارڪنن، جيالن، ضلعي عمرڪوٽ جي معزز شخصيتن، شھرين توڙي عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد نواب يوسف ٽالپر جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان سندس رھائشگاھ ڀرسان مٽيء ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز بعد برک سياستدان پ پ جي ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي گھري ڏک جو اظهار ڪيو جڏھن ته نواب محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي جي سوڳ ۾ ڪنري سميت ننڍا وڏا شھر بند رهيا، نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڪنري، سامارو، نبي سر روڊ، ٽالھي، پٿورو سميت ننڍا وڏا شھر ۽ اسٽاپ سوڳ ۾ بند رهيا، شھرن جون مارڪيٽون ۽ بازارون مڪمل طور بند هجڻ ڪري ڪاروباري سرگرميون معطل رهيون، جڏھن ته علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل رھي