ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ ديدار خان کوسو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

هٿياربندن تراب علي کوسو کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان ناري ڪونجا کي به قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ ديدار خان کوسو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن هٿان ٻٽو قتل.ڳوٺ ديدار خان کوسو ۾ جوابدارن مختيار سبزوئي ۽ آفتاب نوجوان تراب علي کوسو مٿان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.پوليس جاءِ واردات تي پهچي نوجوان جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.جڏهن ته ساڳين ئي جوابدارن نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ناري ڪونجا کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو.بي سيڪشن پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۽ ناري جو لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پر پوليس ناري جو لاش هٿ ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.ان سلسلي ۾ بي سيڪشن پوليس بشير احمد بجاراڻي جو چوڻ هو ته ناري جو ڀاءَ جوابدار مختيار سبزوئي ۽ آفتاب ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان تراب علي کوسو ۽ ناري ڪونجا کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ بعد گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.پوليس جو چوڻ هو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون قاتل جلد گرفتار ٿي ويندا ۽ نوجوان ناري جي لاش کي پوليس هٿ ڪرڻ لاءِ ڳولا جاري آهي.پوليس جو چوڻ هو ته مقتول جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا هو جئين ئي پهچندا ڪيس داخل ڪيو ويندو ٻي صورت ۾ سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪنداسين.