English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي، سنڌيو پنھنجي دادلي درياھ جي مالڪي ڪيو: مظهر راهوجو ۽ ٻيا اڳواڻ
views
|
07th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو تڪراري ڪئنالن خلاف نڪتل پيادل مارچ جي مختلف شهرن ۾ آجيان
ميرپورخاص (رپورٽر) چولستان سميت 6 ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ تي ڌاڙي، سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ پنجين ڏينھن ڊگھڙي کان شروع ٿيو جنھن جو ڪنگورو شاخ، ٻانڊي شاخ ۽ ميرواھ گورچاڻي سميت ننڍن وڏن اسٽاپن تي سوين ڳوٺاڻن گلن ۽ اجرڪن سان شاندار استقبال ڪيو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، نثار ڀرڳڙي، ارباب نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، وڪيل ذاڪر حسين لغاري، خادم سمون، رب ڏنو ملڪ، صديق اوٺو، انور فوجي، مقصود ڀرڳڙي، رازو ڪولھي ۽ ٻين ڪئي. مارچ ميرواھ گورچاڻي کان ٻيلھاڙو شاخ پھچندو جتي رات رھڻ بعد ميرپور خاص روانو ٿيندو . پيادل مارچ کي مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي. سنڌيو پنھنجي دادلي درياھ جي مالڪي ڪيو. چولستان سميت 6 ڪئنال ٺھي ويا تہ لکين ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويندا. آصف زرداري ۽ ٻين وزيرن پنھنجون ملڪيتون ٻاھرين ملڪن ۾ ٺاھي ڇڏيون آھن. حڪمرانن کي سنڌي ماڻھن جي پرواھ ناھي. ڪوئي فڪر ناھي. پ پ حڪومت چاھي ھا تہ حڪمراني جي 17 سالن ۾ سنڌ پيرس بنجي وڃي. دبئي، آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ترقي يافتہ ملڪن ۽ شھرن وانگر ھجي ھا پر ڪروڙين ماڻھو بدحال آھن. ترقي صرف پ پ وزيرن ڪئي آھي. جيڪي ڪنگل ھئا ھي ڪروڙ کان ارب پتي ٿي ويا آھن. ھي سنڌ جون اسپتالون، اسڪول، روڊ، نلڪا، گٽرن جا ڍڪڻ، ميرٽ، نوڪريون، جبل، زمينون، ڪوئلا، تيل، گئس سميت ھر شئي کائي ويا، ھاڻ درياھ کپائي رھيا آھن. سنڌ جو ساھ ڏئي اقتدار خريد ڪري رھيا آھن. ڪروڙين ھارين، مزدورن، نوجوانن، نياڻين، بزرگن جا خواب، انھن جو مستقبل، ڳوٺ، شھر، لطيف جي سنڌ جي خوشحالي کپائي رھيا آھن. ڪرڙ ريٻاري چيو تہ سنڌيو پنھنجي بربادي کي روڪيو. سنڌو درياھ کي بچايو. 6 ڪئنالن کي روڪيو. سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجن ۾ شامل ٿيو. اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏيو. ھن چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبو فراڊ آھي. سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آھي. اسان کي تباھي ۽ بربادي جا منصوبا قبول ناھن. وفاقي حڪومت سنڌ دشمن آھي. شھباز شريف ڪا نئين يونيورسٽي ڇو نٿو سنڌ ۾ ٺاھي. ڪا نئين اسپتال، ڪا نئين صنعت ڇو نٿو سنڌ ۾ قائم ڪري جنھن جو سنڌ کي فائدو ٿئي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضن لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ حملو ڪيو پيو وڃي. انور نوحاڻي چيو تہ سنڌ نازڪ دؤر مان پئي گذري. آصف زرداري اقتدار جي قيمت طور سندو درياھ ڏئي 6 ڪئنال ٺاھي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ پيو بنائي. سنڌو درياھ ته ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏينداسين. خادم سمون چيو تہ سنڌ دشمن ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ ۾ پاڻي جو ڦڙو بہ نہ ايندو. پيئڻ لاءِ تہ ڇا غسل جي لاءِ بہ پاڻي نه ملندو. 10 سالن کانپوءِ سنڌ بيابان بنجي ويندي. درياھ بادشاھ کي زرداري اقتدار ۽ پئسن خاطر بنجر بنائي رھيو آھي. ارسا پاڻي چوري ڪرائيندڙ ادارو آھي. واپڊا چيئرمين سنڌ دشمن آھي. آصف زرداري صرف پنھنجي پٽ کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ سنڌو درياھ جو سودو ڪيو آھي ۽ ڪئنالن جي منظوري ڏني آھي. نثار ڀرڳڙي چيو تہ سنڌي ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن جي جياپي لاءِ، انھن جي بقا لاءِ جدوجھد ڪن. قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون سنڌي ماڻھن کي جاڳائي رھيا آھن تہ درياھ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو. ڪنھن بہ صورت ۾ درياھ تي ڌاڙيل ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين. شوڪت نوحاڻي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جا سڀ وسيلا لٽيا آھن. لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعن ۾ ڌاڙيل ڏينھن ڏٺي ماڻھو اغوا ڪري وڃن ٿا. آھي. ميرپورخاص، بدينز سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ٻيا ضلعا منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي حوالي آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳيھي رھيو آھي. مجيد ٻگھيو چيو تہ 6 ڪئنال ٺھڻ کانپوءِ سنڌ کي پاڻي نه ملندو. پنھنجو درياھ ھليو ويو ته سنڌي ماڻھو بہ دنيا جي برباد ۽ بدنصيب قوم بڻجي ويندا. 91ع ٺاھ تحت سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي تہ جيئن فصل ٿين. رب ڏنو ملڪ چيو تہ درياھ ھليو ويو ته ڪجھ سالن ۾ ننڌڻڪا ۽ لاوارث ٿي مري وينداسين. سنڌ واسيو تڙپي تڙپي مرڻ کان بھتر آھي تہ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ۽ درياھ لاءِ جدوجھد ڪيون. آصف زرداري ۽ شھباز شريف حڪومت پاڪستان خلاف سازشون ڪري رھيا آھن. سنڌو درياھ ھزارين سالن کان اسان جي جياپي جو ذريعو آھي. حڪمران اسان کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. تڙپائي تڙپائي مارڻ چاھين ٿا. اسين مرڻ بدران مزاحمت ڪنداسين. سنڌ دشمن ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. مارچ کي ارباب نوحاڻي، الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، وڪيل ذاڪر حسين لغاري، صديق اوٺو، مقصود ڀرڳڙي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پيروسڻ ۾ نوجوان ناري پاران پنهنجي پيءُ تي جنسي زيادتي جو الزام، ڪيس داخل
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڇهه ڪئنال سنڌ جي تباهي آهن: سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
ميرپورخاص
مظهر راهوجو
0 تبصرے