شڪارپور ۾ ڪشمير ڊي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ريليون ڪڍيون ويون

گڏيل قومون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي حق خوداراديت جو اختيار ڏين: اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور

شڪارپور ۾ ڪشمير ڊي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ريليون ڪڍيون ويون

شڪارپور ( احسان ابڙو) شڪارپور ۾ ڪشمير جي ڏهاڙي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ريليون ڪڍيون ويون. اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور جو چوڻ هو ته گڏيل قومون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي حق خوداراديت جو اختيار ڏين. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڪشمير جي حق ۾ نعرا، ڀارت ۽ موديءَ خلاف مذمتي نعرا هنيا ويا.تفصيل موجب اڄ 5 فيبروري ڪشمير جي ڏهاڙي تي شڪارپور ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ نوجوانن جي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون. مُکُ ريلي ڊسٽرڪٽ انتظاميه پاران اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما جي اڳواڻيءَ ۾ جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريليءَ سان خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما چيو ته 5 فيبروري ڪشمير جي مسئلي جي هڪ اهم يادداشت آهي. اڄ جو ڏهاڙو ڪشميري جدوجهد جو هڪ بنيادي قدم آهي. هن چيو ته ڀارت جي غاصب فوج ڪشمير جي عوام ننڍن ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حق خوداراديت هر قوم جو بنيادي حق آهي ۽ جيڪو حق اقوام متحده جي قراردادن ۾ ڪشمير کي ڏنو ويو آهي. ان تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو ته ان سان دنيا تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پوندا. تقريب سان خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم احمد شيخ چيو ته ڪشمير لاء ھي پھرين ريلي ناھي جيسيتائين ڪشمير مڪمل پاڪستان جو حصو نه ٿيندو ۽ ڪشمير ۾ هزارين معصوم ٻارن تي ظلم بند نه ڪيو ويندو تيستائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي ان موقعي تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر محمد رحيم کوسو ۽ ٻين آفيسرن چيو ته ڪشمير ۾ يتيم ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ جيئن ميانمار ۽ بوسنيا جي ملڪن ۾ مداخلت ڪري اتي جي عوام کي حق خوداراديت ڏنو ويو. ائين ڪشمير کي به اهڙو حق ڏنو وڃي ۽ ڪشمير ۾ ظّلم بند ڪيو وڃي. تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما، ڊي ايڇ او ھيلٿ ڊاڪٽر وسيم احمد شيخ, اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر تحسين خان جتوئي, ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر محمد رحيم کوسو, تعليم کاتو, ريوينيو کاتي جا خالد نون, نظام الدين شيخ, رحيم خان معرفاڻي, اياز خان چنو, نديم جويو, حفيظ الله بروھي, عنايت الله سومرو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ٻي طرف ريليءَ دوران ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڪشمير جي عوام جي حق ۾ نعرا هنيا جڏهن ته ڀارت ۽ مودي سرڪار خلاف به پڻ نعرا هنيا ويا.