English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سنڌ دشمن منصوبن خلاف نڪتل پيادل مارچ جي مختلف هنڌن تي شاندار آجيان
views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
درياھ کسجي ويو ته ڪجھ سالن ۾ سوڊان ۽ ايٿوپيا جي ماڻهن جيان سنڌي بہ بک، اڃ ۽ غربت جو شڪار ٿي مري وينداسين: اڳواڻ
جھڏو/ٽنڊو جان محمد (رپورٽر) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٽئين ڏينھن جھڏو کان شروع ٿي بائي پاس، ناصر آباد، ٽيڊي موري، 202 اسٽاپ پھتو، جتي مارچ جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ارباب نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، انور فوجي ۽ ٻين ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ريشما گوپانگ بہ مارچ ۾ شامل ٿيا. مارچ ٽنڊو جان محمد خان کان صوفي آباد پھچندو جتي رات ترسڻ کان پوءِ ميرپور خاص روانو ٿيندو. پيادل مارچ دوران مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ جيئن سوڊان ۽ ايٿوپيا ۾ لکين ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويا اسان کان درياھ ھليو ويو تہ ڪجھ سالن ۾ سنڌي ماڻھو بہ بک، اڃ ۽ غربت جو شڪار ٿي مري وينداسين. پنجابي، اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائر پاڻ کي سنڌ جي مفادن سان جوڙين. پاڻي رڳو آبادگارن جو مسئلو ناھي. گھرن ۾ جيڪو پاڻي استعمال ٿئي ٿو اھو پاڻي بہ درياھ مان اچي ٿو. پيئڻ لاءِ بہ پاڻي نہ ملي سگھندو. جيڪڏھن ڪئنال ٺھيا ۽ سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويو تہ سڀ اڃ مرنداسين. تڙپي تڙپي مرڻ کان بھتر آھي تہ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ۽ درياھ لاءِ ميدان تي اچون. جدوجھد ڪريون. اسين پنھنجي نياڻين ۽ نوجوانن سان گڏ درياھ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيون. مري وينداسين پر پوئتي نہ هٽنداسين. آصف زرداري ۽ وفاقي حڪومت پاڪستان خلاف سازشون ڪري ان جون پاڙون اکوڙي رھيا آھن. دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ ۾ پنھنجي قومن خلاف ائين سازش ۽ منصوبا نٿا جوڙيا وڃن جيئن پاڪستان ۾ ٿي رھيو آھي. اسان کي پنھنجي ملڪ سان محبت آھي پر حڪمرانن کي صرف پئسن ۽ اقتدار جي حوس آھي، جنھنڪري انھن کي سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي نظر نٿو اچي. سنڌو درياھ اسان جي دولت آھي. اسان جو خزانو آھي. اسان جو ساھ آھي. حڪمران سنڌ جو خزانو لٽڻ چاھين ٿا. اسان جو ساھ بند ڪرڻ چاھين ٿا. ڪروڙين سنڌين کي مارڻ چاھين ٿا. سنڌ جا ماڻھو ڏسي ڇڏين ته پيپلز پارٽي جمھوريت ۽ اٽي لٽي ۽ اجھي جو ڪوڙو نعرو ھڻي سنڌ کي تباھ ڪري رھي آھي. 17 سالن جي حڪومت دوران زرداري چاھي ھا ته ھر ضلعي ۾ صنعتون ھجن ھا. يونيورسٽيون ھجن ھا. پيئن جو صاف پاڻي ھجي ھا. اسان جا فصل سرسبز ھجن ھا. خوشحالي ھجي ھا. روزگار ھجي ھا. امن ھجي ھا. اسين بہ آمريڪا، دبئي، يورپ ۽ ٻين ملڪن وانگر ترقي يافتہ ھجون ھا. سڄي سنڌ جون پارٽيون درياھ لاءِ احتجاج ڪري رھيون آھن پر ڪو بہ پ پ اڳواڻ درياھ لاءِ ۽ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ لاء تيار ناھي. آصف زرداري کي صرف پنھنجي پٽ کي وزيراعظم بنائڻو آھي ان ڪري سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ بنائڻ لاءِ 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني وئي آھي پر سنڌ جا ماڻھو ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياھ جو سودو ٿيڻ نہ ڏيندا. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري چيو خطاب ڪندي چيو تہ اسان جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. ميرپورخاص ضلعو انبن جو شھر ھو، پاڻي کوٽ جي ڪري باغ ختم ٿي ويا آھن. سم ۽ ڪلر جي ڪري ھزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي. آباد زمينون غير آباد ٿي ويون آھن. خوشحال آبادگار بدحال ٿي ويا آھن. پاڻي ڏنو وڃي ته ميرپورخاص ضلعو سرسبز ٿي ويندو. پاڻي جي قدرتي گذرگاھن تي قبضا آھن. برساتن دوران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري لکين ماڻھو ٻڏي وڃن ٿا. درياھ ھليو ويو ته اسان بدحال ٿي وينداسين. زرعي ٽيڪس سان آبادگار ۽ ھاري بدحال ٿي ويندا. مھانگائي وڌي ويندي. درياھ تي ڌاڙو بند ڪيو وڃي. 6 ڪئنال اسان جي موت جو پروانو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ دنيا چيٽ جي پي ٽي ۽ ڪلائيميٽ چينج جھڙن معاملن تي سوچي ۽ اڳتي وڌي رھي آھي. سنڌ جي مٿي ۾ آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي ھنيا ويا آھن جيڪي روز سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪن ٿا. زمينن تي قبضا ڪري ماڻھو مارين ٿا. ڌاڙيلن کي پالين ٿا. دنيا جا حڪمران عوام بابت سوچيندا آھن پر سنڌ جا حڪمران سنڌ جي تباھي جا منصوبا جوڙيندا آھن. سنڌ جا ماڻھو درياھ جي لاءِ جنگ شروع ڪري چڪا آھن. حڪمرانن کي شڪست ملندي. عوام سڀ کان وڌيڪ طاقتور آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور نوحاڻي چيو ته چولستان سميت 6 ڪئنال سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي پئي وڃي. ڪوٽڙي کان پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري واري پئي اڏامي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڪري لکين ايڪڙ زمين غير آباد ۽ ڪلر جي ور چڙھي وئي آھي. تيار فصل سڪي وڃن ٿا. سسٽم ۾ ايترو پاڻي ناھي جو ڪو ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھي سگھجي. اسين ڪنھن بہ قيمت تي سنڌ بنجر ۽ بيابان ٿيڻ نہ ڏينداسين. ڪئنال ٺھي ويا ته ماڻھن کي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي چيو تہ سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ملي. پنجاب ڏيڍ صدي کان سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. سنڌ جا فصل سڙي رھيا آھن. آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا تہ پيئڻ لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. سنڌ جا ماڻھو درياھ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ شامل ٿين. ھر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شھر ۾ احتجاج ڪيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ ميرپورخاص ضلعي جي صدر شوڪت نوحاڻي خطاب چيو تہ حڪومت سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو آھي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا جي حڪومت خوشحال سنڌ کي بدحال ڪري ڇڏيو آھي. فصلن جو اگھ نٿو ملي. ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي. درياھ خاطر ساھ جي آخري ھڏڪي تائين جدوجھد ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ ميرپورخاص جي اڳواڻ ارباب نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ پنھنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿي ۽ سڀ کان پھرين پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪئي پر پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. سنڌ جي تعليم، صحت، روينيو سميت سمورن ادارن تي ڪرپٽ مافيا مسلط ڪئي وئي آھي. اسين ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مجيد ٻگھيو خطاب ڪندي چيو تہ سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سنڌ خلاف سازشون ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن. پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ريگستان بنايو پيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي. جڏھن ته الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، خادم سمون، رشيد گوپانگ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جا غريب هاري: ٽيڪس جو ظلم
05th Feb 2025
•
تازہ ترین
بھارتی مظالم اور بڑھتی ہوئی ہندوتوا انتہا پسندی کشمیریوں کے حق خود ارادیت کی جدوجہد کے عزم کو مضبوط کرتی ہے۔ آرمی چیف جنرل سید عاصم منیر
04th Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
5فيبروري—ڪشمير ڏهاڙو: آزاديءَ جي جدوجهد جو هڪ نئون باب
04th Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انساني رويا ائين اسان جو سماج
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ڪشمير ڊي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ريليون ڪڍيون ويون
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: جهرڪ پوليس پاران هڪ ڄڻي جي قتل واري واقعي جو مک جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
جھڏو
0 تبصرے