يونس ڪلب 24هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي فائينل کٽي ورتو، يوسف قاضي 60 بالن تي 110 امان الله 30 بالن ۾ 102 رنسون ٺاهيون
نوشهروفيروز (ڊ ر) يونس ڪرڪيٽ ڪلب شاندار راند جو مظاهرو ڪندي سني ڪرڪيٽ ڪلب کي شڪست ڏئي شهيد بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو۔ نوشهروفيروز جي واپڊا اسڪارپ ڪالوني گرائونڊ تي ٿيندڙ فائنل ميچ ۾ سني ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جنهن مقرر 25 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهيون رزاق 39 بالن تي 100 افتخار 25 بالن تي 51 رنسون محسن 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔ جڏهن ته امان الله 3 اڪرم 3 ۽ يوسف هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيا۔ جواب ۾ يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگرن جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 24هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي مليل حدف حاصل ڪري ورتو۔ يوسف قاضي 60 بالن تي 110 امان الله 30 بالن ۾ 102 رنسون ٺاهي مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون۔ نعمان 55 رنسون ٺاهڻ ۾ پڻ ڪامياب رهيو۔ سجاد ۽ ريحان هڪ هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا۔ امان الله وسطڙو کي بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو۔ ٽورنامينٽ جي فائنل جو مهمان خاص پيپلزپارٽي اڳوان حاجي خالد مسعود چنه۔ ڊاڪٽر شاهد مصطفي ميمڻ۔ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد يونس راڄپر۔ نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر ڪامياب ٿيندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ نقد انعامي رقم جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم کي به رنر ٽرافي سان گڏ نقد انعامي رقم پڻ ڏني۔ ان موقعي تي ٽورنامينٽ جو آرگنائيزر محمد اسلم عالماڻي۔ اظم عالماڻي۔ امجد ميمڻ۔ سهيل احمد راڄپر۔ سيد اظفر شاه پڻ موجود هئا۔
0 تبصرے