سموري سنڌ جي پرائمري استادن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري، بلاول هائوس جي گهيراءُ جو چتاءُ

استاد پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون: شافي محمد سيٺيو

سموري سنڌ جي پرائمري استادن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري، بلاول هائوس جي گهيراءُ جو چتاءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽ): آل سنڌ پرائمري ٽيچرز ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ شافيع محمد سيٺيو جي قيادت ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن مان هزارين پرائمري استاد ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويهي رهيا،هي ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي، جتي استاد پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن مرڪزي اڳواڻ شافي محمد سيٺيو ۽ ٻين اڳواڻن سڪندر علي جتوئي، گل محمد، عتيق الرحمان سولنگي، بادل دل، ذوالفقار سمير، پرديپ ڪمار، عمران ڪورائي، مجيب جونيجو، شفيق احمد جتوئي، نور محمد سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي پرائمري استادن جا مسئلا سالن کان حڪومت آڏو رکيا پيا وڃن، پر انهن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي هنن ٻڌايو ته استادن جا اهم مسئلا سروس اسٽرڪچر جي بهتري، ڀرتي جي ابتدائي تاريخ کان ريگولرائيزيشن، بايوميٽرڪ سسٽم کي ڊويزنل سطح تي آڻڻ، ڪلسٽر هب سسٽم جو خاتمو، پرائمري اسڪولن جي پراڻي حيثيت جي بحالي، ۽ STR پاليسي تحت جبري بدلين جو خاتمو شامل آهن استادن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿي ڏيکاري، جنهن سبب هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. آل سنڌ پرائمري ٽيچرز ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ شفيع محمد سيٺيو واضح ڪيو ته جيڪڏهن استادن جا جائز مسئلا فوري طور حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪراچي ۾ بلاول هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو، جنهن ۾ لکين استاد شرڪت ڪندا. احتجاج ۾ شريڪ استادن اعلان ڪيو آهي ته جيستائين انهن جا مسئلا حل نٿا ٿين، تيستائين احتجاج جاري رهندو. استادن سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن احتجاج ختم ٿي سگهي. هن موقعي تي استادن حڪومت خلاف سخت نعريبازي به ڪئي ۽ پنهنجن حقن جي مڃتا لاءِ آواز بلند ڪيو.