شڪارپور ۾ هڪڙا محلي واسي جو ڀائٽي سميت اي ايس آء مظھر ھڪڙو خلاف احتجاج

شڪارپور ۾ هڪڙا محلي واسي جو ڀائٽي سميت اي ايس آء مظھر ھڪڙو خلاف احتجاج

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور شھر جي جماڻي ھال ھڪڙا محلا واسي عبدالمجيد ھڪڙو پنھنجي ڀائيٽي شاھنواز ھڪڙو سان گڏجي بااثر پوليس اي ايس آء مظھر ھڪڙو خلاف احتجاج ڪرڻ پھتو,ميڊيا سان ڳالھائيندي متاثر عبدالمجيد ھڪڙو الزام ھڻندي ٻڌايو تہ 12 سال اڳ منھنجي نياڻي ڪنول ھڪڙو کي پوليس اي ايس آء مظھر ھڪڙو جي پٽ ڪامران عرف حيدر ھڪڙو ورغلائي زبردستي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ھئي,ايترا سال گذري وڃڻ باوجود بہ مونسان منھن پيا ڏين ھن ٻڌايو تہ مان سردارن اميرن جا خط بہ ان ڏي موڪليا پر فيصلي کان جواب ڏيندي ويتر مونکي موت مار ڌمڪيون ڏين پيا,مان اھڙي شڪايت ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپوت کي ڏني پر ڪوئي ٻڌڻ لاء تيار ناھي پوليس بہ ان سان ڀٽ بڻيل آھي پٽي ڀائي کي بچائڻ لاء مونکي ڌمڪائين پيا تہ معاملي کي وساري ڇڏ ھن ٻڌايو تہ گھر ٻاھران بيٺو ھيس تہ ڪامران ھڪڙو ھٿيارن سان ڏنڍا بردار ماڻھو وٺي منھنجي مٿان حملو ڪري ڌڪ ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن,لکيدر پوليس بہ منھنجو ڪيس وٺڻ لاء تيار ناھي ويتر مونکي ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦسائيڻ لاء حيسائين پيا,ھن آء جي سنڌ,ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور کان گھر ڪئي تہ خدارا مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ اي ايس آء مظھر ھڪڙو ۽ سندس پٽ ڪامران ھڪڙو خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مونکي تحفظ فرھام ڪيو وڃي.