مورو(جاني جماڻي)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم اڄ تعلقي اسپتال مورو ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري ضلعي ۾ ست ڏينهن واري قومي پوليو مخالف مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، ڊاڪٽر محمد ياسين ٻلال، اسسٽنٽ ڪمشنر محمد مستقيم قريشي، چيئرمين نذير احمد ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا. ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر مورو اسپتال ۾ پوليو مهم بابت آگاهي واک جي اڳواڻي پڻ ڪئي. هن ان موقعي تي پوليو ورڪرز کي مختصر خطاب ڪيو. هن چيو ته نوشهروفيروز ضلعي جي مورو شهر ۾ ماحولياتي نمونن جي مثبت اچڻ کان پوءِ اسان جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن سڀني ٽيمن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته 3 فيبروري کان شروع ٿيندڙ مهم دوران گهر گهر پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن ۽ پوليو جي خاتمي ۾ حڪومت ۽ صحت کاتي جي مدد ڪن. بعد ۾ مورو ميونسپل ڪميٽي ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ مورو شهر ۾ تجاوزات جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو نذر احمد ميمڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته شهر جي خوبصورتي بابت ڪم جلد شروع ڪيو وڃي، شهر جي سڀني روڊن تي وڻ لڳايا وڃن ۽ ٻيا ترقياتي ڪم پڻ ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، مورو ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين سان گڏ، شهر جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ شهر ۾ ٽرئفڪ جي وهڪري جو جائزو ورتو.
0 تبصرے