حڪيم سنديلو، يڪو سنديلو، احمد ميتلا ۽ ٻين ڳوٺن جا زيتون منڊي جي سونهن بڻيل
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرپاسي زيتونن جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچي ويو،زيتون جي موسم شروع ٿيندي ئي شهرين طرفان پنهنجي دوستن توڙي عزيزن ڏانهن زيتون جون پيتيون تحفي طور موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.فروٽ طور مشهور ۽ کائڻ ۾ مزيدار ۽ کٽو مٺو ذائقو رکندڙ موهن جي دڙي جا زيتون سڄي سنڌ سميت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻا مشهور آهن،جڏھن ته ڳوٺ حڪيم سنديلو، يڪو سنديلو،احمد ميتلو سميت ٻين علائقن تي لکين ايڪڙن جي ايراضي تي زيتون جا باغ موجود آهن،جيڪي علائقي جي رهواسين لاءِ وڏي روزگار جو سبب پڻ آهن.سرڪاري پزيرائي نه ملڻ ڪري زيتون جي بهتر نموني مارڪيٽنگ توڙي ڏيهه پرڏيهه ۾ رسائي پڻ مسئلو بڻيل آهي.ان موقعي تي باغائين منصور سنديلو،سيد جمن شاھ،عبدالحفيظ سنديلو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال گرمي ۾ واڌ ۽ دير سان ۽ گهٽ سرديون اچڻ ۽ اوچتو سردي ۾ واڌ، ميلي بگ جيت لڳڻ ۽ موسمي تبديلين سبب زيتون جو فصل تمام گهڻو گهٽ لٿو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿيڻ ڪري آبادگار پريشان پڻ آهن.گرمي سبب زيتون جي باغن کي نقصان پھچي رهيو آهي. سياري جي موسم ۾ ۾ زيتون کي ٿڌ لڳڻ سان زيتون وڌيڪ ذائقيدار ۽ مٺو ٿيندو آهي.ھنن ٻڌايو ته صادق آباد،رحيم يار خان، ملتان، لاهور، ڪوئيٽا سميت پنجاب بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن زيتون موڪليو ويندو آهي، جنهن جو اگهه سٺو ملندو آهي. هنن ٻڌايو ته ھن سال زيتونن جي فصل کي نہ ڄاڻ ڪهڙي بيماري وڪوڙي ورتو آهي جو زيتون پچڻ شرط زيتون جي کل ٻاھران وڻ جي ڇوڏي وانگر ٿي پئي وڃي ۽ زيتون ڏار ڏئي ٿو وڃي.ھنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت طرفان زيتونن تي ٿيندڙ ميلي بَگ سميت ٻين بيمارين لاءِ ماھرن جي ٽيم جوڙي وڃي ۽ آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ ۾ اپاءَ ورتا وڃن.
0 تبصرے