عوامي تحريڪ ملير پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سڀاڻي گهگهر کان گلشن حديد تائين پيادل مارچ جو اعلان
ملير (درياخان شر ) ڇهن ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمين ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ملير طرفان 2 فيبروري تي گهگهر ڦاٽڪ کان گلشن حديد الله واري چورنگي تائين پيادل مارچ ڪڍڻ جو اعلان، عوامي تحريڪ جو وفد جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ خالد تنيو ،عباس ملاڻو عزيز لانگاهه ۽ ٻين ميمن ڳوٺ عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 6 نوان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جو سي سي آءِ سميت ڪنھن به اداري کي اختيار ناهي، ايڊوڪيٽ خالد تنيو وڌيڪ چيو ته ست ڪروڙ سنڌين کي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ وارا منصوبا دهشتگردي آهن،بلاول_شهباز اتحادي سرڪار ڪالا باغ ڊئم جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي ملڪ خلاف سازش ڪئي آهي، عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري خالد تنيو وڌيڪ چيو ته مراد علي شاهه آدمشماري جي بوگس نتيجن جيان نون ڪئنالن جي سنڌ دشمن منصوبن کي به تسليم ڪري، سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. هنن چيو ته سي سي آءِ مان ڪئنالن جي منظوري واري معاملي کي ڳجهو رکي، وفاقي حڪومت آئين ٽوڙيو آهي. قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين جنرل سجاد غني انڪشاف ڪيو آهي ته مراد علي شاهه جي حمايت سان سي سي آءِ نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڳواڻن چيو ته ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جو سي سي آءِ سميت ڪنھن به اداري کي اختيار ناهي. ست ڪروڙ سنڌين کي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ وارا منصوبا دهشتگردي آهن، سنڌ جي زمين خانگي ڪمپنين حوالي ڪرڻ وارا منصوبا دهشتگرد منصوبا آهن، سنڌي قوم جي وجود تي وار ڪرڻ وارا منصوبا آهن. هنن چيو ته بلاول_شهباز اتحادي سرڪار ڪالا باغ ڊئم جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي، ملڪ خلاف سازش ڪئي آهي.
0 تبصرے