منگهو پير جي ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي پاران يو سي 11 گوهرام ڳوٺ جو دورو

ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگهو پير عوامي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي: حاجي نواز علي بروهي

منگهو پير جي ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي پاران يو سي 11 گوهرام ڳوٺ جو دورو

ڪراچي (رپورٽر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگهو پير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي، يو سي 11 گوهرام ڳوٺ ۾ جاري روڊ ڪارپيٽنگ جي ڪم جو دورو ڪيو. ان موقعي ھن چيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگهو پير عوامي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ علائقي ۾ ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن. گوهرام ڳوٺ ۾ روڊن جي ڪارپيٽنگ سان شهرين کي سفري سهولتن ۾ بهترين ملندي ۽ ٽريفڪ جي اچ وڄ ۾ به اضافو ٿيندو. ان موقعي تي حاجي علي نواز بروھي موجود آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي معيار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ھلندڙ ترقياتي ڪم جلد از جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي سفري سھولتون ميسر ٿي سگھن. ھن چيو ته ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائز نه ڪيو ويندو. لاپرواھي يا دير جي صورت ۾ قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. اسين عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ خدمت جو عمل جاري رهندو. اتي موجود علائقي جي معززين ۽ رهواسين چيئرمين منگھو پير ٽائون جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ ترقياتي ڪمن ۾ وڌيڪ بهترين جي اميد ظاهر ڪئي. دوري دوران ميونسپل ڪمشنر آغا خليق، وائس چيئرمين رانا محمد عارف، يو سي چيئرمين مور خان گائنچو، قاري اشرف ۽ ٻيا پڻ موجود هيا..