English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: نور محمد ڳوٺ تي چڙھائي جو سلسلو جاري، پوليس اٽالا به پهتا، رهواسين جي مزاحمت
views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
مختلف ٿاڻن جي پوليس اينٽي انڪروچمينٽ عملو ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ پهتو ته رهواسي مشينري آڏو سينا تاڻي بيهي رهيا
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي. اسڪيم 33 نور محمد ڳوٺ تي بلڊر مافيا جي چوڻ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر اوڀر پوليس مختلف ٿاڻن جي نفري ۽ ڳري مشينري ساڻ ڪري اسٽنٽ ڪمشنر انور پنھور. ايس پي سھراب ڳوٺ شوڪت شاھاڻي. ڊي ايس پي سھراب ڳوٺ چوڌري سھيل فيض. اينٽي انڪروچمينٽ. ايس ايڇ او احمد علي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي ڳوٺاڻان سراپا احتجاج بڻجي ويا. ڳوٺاڻن پ. پ. پ جي مقامي اڳواڻ نور خان برفت. صفدر علي ابڙو. رئيس ديدار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين مرد توڙي عورتن پر امن احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نور خان برفت. صفدر علي ابڙو. ديدار چانڊيو چيو ته اسان جو ڳوٺ قديمي آھي. اسان ڪنھن به صورت ۾ ڳوٺ ڊاھڻ نه ڏينداسين. ھنن چيو ته اسان عدالت کي درخواست ڏني جنھن بعد 29 جنوري تي عدالت سڀني سينئير ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪندي پاپند ڪيو ته 6 فيبروري تائين ڪير به ڳوٺ خلاف ڪاروائي نه ڪندو پر ان جي ابتڙ پوليس اينٽي انڪروچمينٽ وارن ھٺ ڌرمي ڪري ٻيھر چڙھائي ڪري ماڻھن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان ان خلاف عدالت وينداسين. ھنن الزام مڙھيندي چيو ته پوليس علي ڳڙھ بلڊر کان ڳري رشوت وٺي ڪاروائي جي ڪوشش ڪئي. مشينري رات کان وٺي بيھاري ڇڏي ته صبح فجر مھل ڳوٺ پٽ ڪري ڇڏينداسين اسان ھميشه پر امن احتجاج ڪيو ان جي باوجود اسان جي مٿان دھشتگردي جون ايف آئي آرون ڪٽيون ويون سندن چوڻ ھو ته ٻه ڏينھن اڳ جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان ڪريم جي ڊبل بينچ ۾ اسان جي قانوني پٽيشن داخل ٿي. پوليس کي اڄ ڪاروائي نه ڪرڻ کپي ھا. عدالت پوليس نوٽيس جاري ڪيا جيڪا اسان ھنن ڏانھن موڪلي ڇڏيا. پر پوليس چڙھائي ڪري ڳوٺ ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ عورتون ٻار نوجوان توڙي بزرگ وڏي تعداد ۾ ٻاھر نڪري آيا پوليس عوامي مزاحمت ڏسي واپس ٿي رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھنداسين ڪنھن به صورت ۾ ڳوٺ کي ڪيرائڻ نه ڏينداسين. اسان جو ھڪڙو ئي نعرو آھي مرسون مرسون ڳوٺ نه ڏيسون. ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان. سنڌ ھاء ڪورٽ. سنڌ جي وڏي وزير. پيپلزپارٽي جي قيادت کي اپيل ڪئي ته سنڌي ڳوٺن کي ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ پڪو ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Sep 2025
•
تازہ ترین
سیلاب کو روکنے کے لیے تیار ہیں، وفاق بی آئی ایس پی کے ذریعے متاثرین کی مدد کرے: بلاول
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
08th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن جو بنيادي حق آ
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ڀائٽيو قتل, ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 2ڄڻا گرفتار،ڪيس داخل
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهاري پوليس وٽ پيش
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ۾ ڪوئلي جي بجلي گهرن خلاف فشر فوڪ فورم جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
نور محمد ڳوٺ
0 تبصرے