ملير: قائد آباد ويجهو سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو

مظفر ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مبارڪ مارجي ويو

ملير: قائد آباد ويجهو سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائد آباد ويجهو فائرنگ، سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو، هٿيار بند فرار، مڙھ جناح اسپتال منتقل، گهر ۾ ڪهرام، نوجوان ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي وارث، تفصيل موجب قائداباد جي علائقي مظفر ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مبارڪ مارجي ويو جڏهن ته هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلا تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪاروائي بعد مڙھ جناح اسپتال منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته مارجي ويل نوجوان ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي تڪرار جي نبيري لاءِ جرڳا پڻ ڪيا ويا هئا اسان جي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس موجب اقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن