اڳڙا جي ڪچي واري علائقي محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد ۾ بهليم، ڊرگھ، سيال، لاشاري ڌرين برادرين ۾ سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين جي معاملي تان جھيڙو، افصل بهليم مارجي ويو، 5 ڄڻا زخمي گمبٽ اسپتال منتقل. قتل ٿيل نوجوان افضل بهليم جي وارثن جو خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر قتل ٿيل نوجوان جي وارثن احمد بخش بهليم ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته صبح جو زمين تي آياسين ته 20 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪيو ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري افصل کي ڪهاڙي لڳڻ سبب مارجي ويو آهي. جڏهن ته زخمين ۾ پنج ماڻهو شامل آهن جن کي گمبٽ گمس منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌرڻي دوران مولانا راشد محمود سومرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي پڪ ڏياري هوڏانهن الزام هيٺ آيل سيال برادري جي اڳوڻن بخت علي سيال ميڊيا کي ٻڌايو ته آءُ ڳوٺ ۾ موجود نه آهيان مونکي فون تي ڄاڻ ملي آهي ته افضل بهليم مارجي ويو آهي. اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي اسين شريف ماڻهون آهيون، ماڻهو اسان جي خلاف غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو
0 تبصرے