نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج

سينئر وڪيل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊوڪيٽ عبدالستار لهراڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ

نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر)سينئر وڪيل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊوڪيٽ عبدالستار لهراڻي جي گهر تي پوليس جي بلاجواز چڙھائي ڪرڻ ۽ اُتي ٽيوشن ڏيندڙ استادن ۽ شاگردن کي حراسان ڪرڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار نوشهرو فيروز جي سڏ تي ضلعي جي عدالت سميت 5 ئي تعلقن ۾ وڪيلن عدالتي ڪاروهنوار جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ۽ جڊيشل ڪامپليڪس کان ريلي ڪڍي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لهراڻي چيو ته اسان ھڪ پڙھيل لکيل خاندان جا 15 وڪيل آھيون، اسان جي گهرن تي پوليس چڙھائي ڪري اتي موجود اسان جي ٻارن کي ٽيوشن ڏيندڙ استادن ۽ شاگردن سان بدتميزي ڪئي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ گُهر ڪيون ٿا ته چڙھائي ڪندڙ پوليس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته پوليس چڙھائي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ٿي ته گاڏي ڦر ٿي آھي، ان جي ڳولا ٿا ڪيون! جڏھن ته سمورو ضلعو ڌاڙيلن ۽ ڦورن هٿان لُٽجي ڦُرجي رهيو آھي. ڏوھاري گرفتار نه ٿا ٿين ته شريفن جي گهرن تي چڙھائي ڪري ڪنهن کي پريشان ڪرڻ ۽ ڪنهن ڀوتار جي ونگار وھڻ مذمت جوڳو عمل آھي ۽ اسان انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪنداسين. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري شوڪت حسين ٻوھيو، اعظم ميمڻ، مشتاق بڙدي، اختر حسين ڀريجو، مورو تعلقي بار جي امين الدين خاصخيلي، ڀريا تعلقي بار جي صدر حافظ تنوير، امر امتياز ميمڻ، اظهر رند پڻ پوليس چڙھائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته چڙھائي ڪندڙ پوليس خلاف قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪنهن پوليس اھلڪار سان وڪيلن جو رويو درست نه رھندو ۽ روڊن تي اينداسين.